پنجاب مان ڪڻڪ ۽ اٽي جي بين الصوبائي سپلاءِ ۾ رڪاوٽن سبب خيبر پختونخواھ ۾ اٽي جي قيمتن ۾ ھڪ ڀيرو ٻيھر اضافو ٿي ويو.
خيبر پختونخواھ جي فلور ملز انڊسٽري جو گھڻو ڪري دارومدار پنجاب مان ايندڙ ڪڻڪ تي آھي، صوبي ۾ سالياڻو 12 لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ پيدا ٿيندي آھي جڏھن تھ مجموعي ضرورت 52 لک ميٽرڪ ٽن آھي جنھن کي نظر ۾ رکندي صوبي ۾ 40 لک ميٽرڪ ٽن جي شارٽ فال کي پنجاب مان ڪڻڪ ۽ اٽو خريد ڪري پورو ڪيو ويندو آھي.
فلور ملز ايسوسيئيشن مطابق پنجاب مان اٽي ۽ ڪڻڪ جي سپلاءِ متاثر ٿيڻ سان ملز کي مھانگي اگھن تي ڪڻڪ خريد ڪرڻي پئجي رھيو آھي جنھن سان مارڪيٽ ۾ اٽي جي اگھن ۾ اضافو ٿي رھيو آھي.
پنجاب مان اٽي ۽ ڪڻڪ جي سپلاءِ ۾ رڪاوٽن سان سڄي صوبي ۾ اٽي جي قيمتن ۾ اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آھي، گذريل ھڪ ھفتي دوران 20 ڪلو اٽي جي ٿيلھي جي قيمت 2200 رپين مان وڌي 2400 رپيا ٿي وئي آھي جنھن سان عام شھري ۽ گھٽ آمدني وارو طبقو متاثر ٿي رھيو آھي.
خيبر پختونخواھ حڪومت 2 لک 25 ھزار ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ خريد ڪرڻ جي منظوري ڏني آھي جنھن لاءِ فنڊز جاري ڪري ڇڏيا آھن جڏھن تھ حڪومت وفاق ۽ پنجاب حڪومت کي خط لکيا آھن جن ۾ ڪڻڪ جي بين الصوبائي سپلاءِ تي پابندي کي غير آئيني قرار ڏيندي پنجاب مان ڪڻڪ جي سپلاءِ تي لاڳو پابندي فوري طور تي ھٽائڻ جو مطالبو ڪيو آھي.