اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): پمز اسپتال سانحي کانپوءِ پارلياماني جاچ جو عمل اڳتي وڌائڻ جون تياريون شروع ٿي ويون آهن، جڏهن ته ساڳئي وقت اسپتال جي فائر سيفٽي آڊٽ رپورٽن ۾ ڪيترائي سال اڳ نشاندهي ڪيل سنگين خاميون پڻ سامهون اچي ويون آهن، جن ۾ ايمرجنسي رستن جي بند هجڻ ۽ کليل وائرنگ شامل آهي.
حڪومت پمز سانحي جي پارلياماني جاچ لاءِ گڏيل پارلياماني ڪميٽي ۾ نمائندگي خاطر سمورين سياسي پارٽين کان ميمبرن جا نالا طلب ڪري ورتا آهن.
پارلياماني ذريعن موجب ڪميٽي ۾ سڀني سياسي پارٽين کي نمائندگي ڏني ويندي، جڏهن ته پارٽين کان تجويز ڪيل ميمبرن جا نالا ملڻ کانپوءِ ڪميٽي جو باضابطه نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويندو.
واضح رهي ته قومي اسيمبلي گذريل جمعي ڏينهن پمز سانحي جي جاچ لاءِ گڏيل پارلياماني ڪميٽي قائم ڪرڻ بابت قرارداد منظور ڪئي هئي. ڪميٽي جي جوڙجڪ مڪمل ٿيڻ کانپوءِ سانحي جي مختلف پاسن ۽ واقعي سان لاڳاپيل معاملن جي جاچ جو عمل اڳتي وڌڻ جو امڪان آهي.
فائر سيفٽي رپورٽ ۾ سال اڳ ئي خامين جي نشاندهي
ٻئي طرف پمز اسپتال جي فائر سيفٽي آڊٽ رپورٽ ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته اسپتال جي باهه کان بچاءَ واري نظام ۾ خامين جي نشاندهي ڪيترائي سال اڳ ئي ڪئي وئي هئي.
رپورٽ موجب فائر سيفٽي ونگ 15 فيبروري 2018ع تي اسپتال انتظاميا کي رپورٽ موڪلي هئي، جنهن ۾ فائر سيفٽي سان لاڳاپيل خامين جي نشاندهي ڪندي فوري اصلاحي قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي وئي هئي.
ان کانپوءِ 8 جون 2023ع تي پمز لاءِ ”هيزرڊ الرٽ“ پڻ جاري ڪيو ويو. الرٽ ۾ ٻين خامين سان گڏ اسپتال جا ايمرجنسي رستا بند هجڻ ۽ کليل وائرنگ جي نشاندهي ڪئي وئي هئي.
رپورٽ ۾ نشاندهي ڪيل خامين کي ختم ڪرڻ ۽ فائر سيفٽي جي انتظامن کي بهتر بڻائڻ لاءِ ضروري قدم کڻڻ تي زور ڏنو ويو هو.
پمز ۾ پيش آيل باهه جي افسوسناڪ واقعي کانپوءِ هاڻي اهي پراڻيون فائر سيفٽي رپورٽون ٻيهر بحث جو مرڪز بڻجي ويون آهن. هڪ طرف پارلياماني ڪميٽي سانحي جي جاچ لاءِ جوڙجڪ جي مرحلي ۾ داخل ٿي رهي آهي، ته ٻئي طرف اڳ ئي نشاندهي ڪيل حفاظتي خامين تي عملدرآمد بابت به اهم سوال اڀري رهيا آهن.
پارلياماني جاچ دوران اهو پڻ سامهون اچڻ جو امڪان آهي ته ماضي ۾ فائر سيفٽي رپورٽن ۾ نشاندهي ڪيل خامين کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪهڙا قدم کنيا ويا ۽ انهن تي ڪيترو عمل ٿيو.