پاڪستان ۾ ڳالھين جي نئين دور ۾ اڳڀرائي جي اميد آھي:  ترڪ پرڏيھي وزير

فہرستِ مضامین

انقرھ: ترڪيھ جي پرڏيھي وزير حاڪان فيدان چيو آھي تھ پاڪستان ۾ ايران آمريڪا ڳالھين جي نئين دور ۾ اڳڀرائي جي اميد آھي.

ترڪ پرڏيھي وزير حاڪان فيدان چيو آھي تھ ترڪيھ ڳالھين جي حوصلھ افزائي ڪري رھيو آھي، ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ جوھري ڳالھين ۾ اھم رڪاوٽون جلد ختم ٿي سگھن ٿيون، ڳالھين جو نئون دور پاڪستان ۾ شروع ٿيڻ وڃي رھيو آھي جتي اڳڀرائي جي اميد آھي.

ھن چيو تھ جوھري معاملي ۾ ھڪ يا ٻھ اھم نقطا حل ٿيڻ جي ويجھو آھن، جنگبندي ۾ واڌ مثبت اڳڀرائي آھي پر حتمي معاھدي لاءِ ڪافي ناھي.

ترڪ پرڏيھي وزير چيو تھ آبناءِ ھرمز جي صورتحال بھ ڳالھين سان جڙيل آھي، ڪامياب معاھدي جي صورت ۾ آبناءِ ھرمز ۾ بحري اچ وڃ بحال ڪري سگھجي ٿي.

ھن چيو تھ بارودي سرنگن جي صفائي لاءِ بين الاقوامي تعاون قائم ڪري سگھجي ٿو، ڪنھن نئين جنگي صورتحال ۾ ترڪي غير جانبدار رھڻ جي پاليسي اپنائيندو، ترڪي تمام ڌرين سان رابطي ۾ آھي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں