پاڪستان جي صرافا مارڪيٽن ۾ سون جي قيمتن ۾ گھٽتائي ڏسڻ ۾ آئي آهي.
آل پاڪستان صرافا جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، سون جي قيمت ۾ 9 هزار 500 رپيا في تولو گھٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي، جنھن بعد اگھ 4 لک 94 هزار 662 رپين تائين پھچي ويو آھي.
ملڪ ۾ 10 گرام سون جي قيمت 8 هزار 145 رپين جي گھٽتائي کانپوءِ 4 لک 24 هزار 92 رپيا ٿي وئي.
ٻئي طرف، عالمي مارڪيٽ ۾ سون 95 ڊالر گهٽجي 4723 ڊالر في اونس ٿي ويو آهي.
واضح رهي تہ گذريل ڏينهن سون جي قيمت ۾ 15 هزار 700 رپين جو اضافو ٿيو هو.