اسلام آباد: پاڪستان ۾ آئل ۽ گيس ڊيولپمينٽ ڪمپني جي تازي عرصي دوران مقامي سطح تي تيل جي پيداوار 32 ھزار بيرل روزانو مان وڌي 41 ھزار بيرل ٿي وئي.
او جي ڊي سي ايل جي ايم ڊي احمد حيات لڪ انڪشاف ڪيو تہ او جي ڊي سي ايل ملڪ جي اندر تيل جي پيداوار کي 43 ھزار بيرل کان وڌيڪ روزانو تائين کڻي وڃڻ جي صلاحيت رکي ٿي.
احمد حيات لڪ مطابق وچ اوڀر جي تازي ڇڪتاڻ کان اڳ او جي ڊي سي ايل جي سڄي ملڪ مان تيل جي پيداوار ساڍا 32 ھزار بيرل ھئي، ملڪي سطح تي تيل ۽ گيس جي اضافي پيداوار جي ڪوششن سبب تيل جي پيداوار وڌي 41 ھزار بيرل روزانو ٿي وئي آھي.
ھن چيو تہ ھن وقت او جي ڊي سي وٽ ملڪ جي اندر 17 سالن تائين لاءِ تيل ۽ گيس جا ذخيرا ھوندا آھن جيڪي ان کان اڳ سال 23-2022ع ۾ 12 سالن جي سطح تي ھئا.
سڄي ملڪ ۾ تيل ۽ گيس جي ذخيرن ۾ تيزي سان اضافو ٿي رھيو آھي، تيل ۽ گيس جا نوان ذخيرا دريافت ٿي رھيا آھن.
گذريل مھيني ڪوھاٽ ۾ براگزئي جي مقام تي ايڪس ون کوھ مان ملڪ جي تاريخ جي سڀ کان وڏي تيل ۽ گيس جي دريافت ٿي جيڪا پاڪستان جي مجموعي تيل جي ڪل پيداوار جو 10 سيڪڙو آھي.