ڍاڪا: وفاقي گھرو وزير ۽ نارڪو ٽڪس ڪنٽرول محسن نقوي بنگلا ديش جي پرڏيھي معاملن واري وزير صلاح الدين احمد سان ملاقات ڪئي جنھن ۾ ٻنھي گھرو وزارتن وچ ۾ سيڪريٽري ليول جوائنٽ ورڪنگ گروپ جوڙڻ تي اتفاق ڪيو ويو.
پاڪستان ۽ بنگلا ديش وچ ۾ منشيات جي اسمگلنگ، استعمال ۽ نشي وارين شين جي روڪٿام ۾ تعاون لاءِ تاريخي معاھدي تي صحيحون ڪيون ويون، وفاقي گھرو وزير محسن نقوي پاڪستان حڪومت جڏھن تھ گھرو وزير صلاح الدين احمد بنگلا ديشي حڪومت طرفان معاھدي تي صحيح ڪئي.
مفاھمتي يادداشت تحت ٻئي ملڪ منشيات جي غير قانوني چرپر ۽ اسمگلنگ کي روڪڻ لاءِ ھڪٻئي سان ڀرپور تعاون ڀرپور تعاون ڪندا، معاشري ۾ منشيات جي وڌندڙ رجحان ۽ ان جي منفي اثرن جي خاتمي لاءِ گڏيل ڪوششون ڪيون وينديون.
منشيات جي غير قانوني وڪري ۽ سپلاءِ لائن کي ٽوڙڻ جي لاءِ گڏيل حڪمت عملي واضح ڪئي ويندي، ٻنھي ملڪن جون لاڳاپيل ايجنسيون منشيات جي اسمگلرن ۽ نيٽ ورڪس جي باري ۾ وقت سر معلومات جي ڏي وٺ ڪنديون.
معاھدي تحت اھلڪارن جي تربيت، جديد ٽيڪنالوجي جي استعمال ۽ منشيات جي روڪٿام جي لاءِ بھترين طريقيڪار کي ھڪ ٻئي سان شيئر ڪيو ويندو.
وفاقي گھرو وزير محسن نقوي بنگلا ديشي ھم منصب کي سيف سٽي پراجيڪٽ ۾ مڪمل تعاون جي پيشڪش ڪئي ۽ چيو تھ بنگلا ديش جي حڪومت کي سيف سيٽي پراجيڪٽ ۾ ھر لحاظ سان سپورٽ ڪنداسين.
ملاقات ۾ پاڪ بنگلا ديش ٻھ طرفن لاڳاپن، انٽرنل سيڪيورٽي ۽ سول آرمڊ فورسز جي ٽريننگ جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو، دھشتگردي ۽ انساني اسمگلنگ جي روڪٿام جي لاءِ ڀائيواري وڌائڻ تي بھ ڳالھيون ڪيون ويون.
گھرو وزيرن دھشتگردي لاءِ گڏيل قدمن تي بھ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، سائبر ڪرائمز، منظم ڏوھھ ۽ مالياتي فراڊ جي حوالي سان گڏيل تعاون وڌائڻ تي تفصيلي ڳالھيون ٿيون، پوليس اڪيڊميز ۾ آفيسرز جي لاءِ ٽريننگ پروگرامز ۾ تعاون تي بھ ڳالھيون ٿيون.
وفاقي گھرو وزير محسن نقوي بنگلا ديشي ھم منصب کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني، بنگلا ديشي گھرو وزير سيف سٽي پراجيڪٽ جي لاءِ تعاون جي پيشڪش تي گھرو وزير محسن نقوي جا ٿورا مڃيا.