پاڪستان کي آءِ ايم ايف کان 1.3 ارب ڊالر ملي ويا

فہرستِ مضامین

عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) کان پاڪستان کي 1.3 ارب ڊالر ملي ويا.

اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان طرفان جاري پڌرائي ۾ پاڪستان کي 1.3 ارب ڊالر ملڻ جي تصديق ڪندي چيو تہ منتقلي اي ايف ايف ۽ آر ايس ايف پروگرام تحت ٿي.

پاڪستان جي مرڪزي بئنڪ جو چوڻ آھي تہ آءِ ايم ايف جي ايگزيڪيوٽو بورڊ 8 مئي تي ٽئين جائزي جي منظوري ۾ اھا قسط منتقل ڪرڻ جي منظور ڏني ھئي.

آءِ ايم ايف ايگزيڪيوٽو بورڊ پاڪستان لاءِ  760 ملين ايس ڊي آر جي منظوري ڏئي ڇڏي، آر ايس ايف پروگرام تحت 154 ملين ايس ڊي آر جي ٻي قسط بہ منظور ڪئي وئي.

اسٽيٽ بئنڪ کي مجموعي طور تي 914 ملين ايس ڊي آر ملي ويا آھن، مليل رقم پاڪستاني رپين ۾ نہ پر مٽاسٽا جي ذخيرن ۾ شامل ٿيندي، اھا رقم 15 مئي 2026 کي ختم ٿيندڙ ھفتي جي مٽاسٽا وارن ذخيرن ۾ رقم ظاھر ٿيندي، آءِ ايم ايف فنڊز ملڻ سان پاڪستان جي مٽاسٽا وارن ذخيرن کي سھارو ملندو.

موجودھ پروگرام تحت پاڪستان کي مجموعي طور تي 4.6 ارب ڊالر جاري ٿي چڪا آھن، پاڪستان سيپٽمبر 2024 ۾ 37 مھينن لاءِ اي ايف ايف پروگرام ورتو ھو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں