پاڪستان عرب امارات جو ڏنل قرض رول اوور ڪرڻ لاء ساڍا ٽي ارب ڊالر جي ادائيگين جو بندوبست ڪري ورتو.
پاڪستان حڪومت جون تائين پنهنجي پرڏيهي ادائيگين لاءِ اهم بندوبست ڪري ورتو آهي، جنهن تحت گڏيل عرب امارات کي قرض رول اوور ڪرڻ لاء ساڍا 3 ارب ڊالرجون ادائيگيون پڻ شامل آهن. جڏهن ته مجموعي طور 4.8 ارب ڊالر جي ادائيگين جو انتظام ڪيو ويو آهي۔
حڪومتي ذريعن موجب پاڪستان کيٻن دوست ملڪن کان 5 ارب ڊالر کان وڌيڪ مالي سهائتا جي خاطري ڪرائي وئي آهي, جنهن سان ادائيگين جو فوري دٻاءُ گهٽجي ويو آهي
ذريعن مطابق يو اي اي کي مجموعي طور 3.5 ارب ڊالر واپس ڪرڻا آهن, اهي رقمون مختلف مالي فورمن تحت ادا ڪيون وينديون.