نيويارڪ: پاڪستان چيو آھي تھ وچ اوڀر ۾ عدم استحڪام جو بنيادي سبب فلسطين مسئلو آھي.
پاڪستاني مستقل نمائندي عاصم افتخار چيو تھ اسرائيلي قبضي جو خاتمو ۽ ٻھ رياستي حل ئي خطي ۾ پائيدار امن جو واحد رستو آھي، غزھ ۾ جنگبندي جي باوجود اسرائيلي حملن ۾ 800 کان وڌيڪ فلسطيني شھيد ٿيا.
عاصم افتخار مطالبو ڪيو تھ غزھ امن منصوبي جي ٻئي مرحلي کي جلد مڪمل ڪيو وڃي، مغربي ڪناري ۾ آبادڪارن جو تشدد ۽ غير قانوني وسندين جي توسيع ڳڻتي جوڳي آھي، اسرائيل جي امتيازي قدم نسلي امتياز تي ٻڌل نظام کي مضبوط ڪري رھيو آھي.
پاڪستاني مستقل نمائندي جو چوڻ آھي تھ مسجد اقصيٰ ۾ جاري مداخلت ۽ مقدس ھنڌن جي پائمالي فوري بند ڪئي وڃي، لبنان ۾ اسرائيلي فوجي ڪارروائين سان 2 ھزار کان وڌيڪ شھري مارجي ۽ زخمي ٿيا.
ھن وڌيڪ چيو تھ شام جي خودمختياري، وحدت ۽ علائقائي سالميت جو مڪمل احترام ڪيو ويندو.