پاڪستان مان حج پروازن جو اڄ کان باقاعدھ آغاز ٿي ويو.
ڪراچي مان خانگي ايئر لائن ذريعي پھرين حج پرواز 160حج پانڌيئڙا کڻي رواني ٿي. سنڌ جي گورنر نھال ھاشمي ۽ مذھبي معاملن واري وزارت جي اعليٰ عملدارن حج پانڌيئڙن کي رخصت ڪيو ۽ مبارڪباد ڏني.
ھن سال ڪراچي ايئرپورٽ تان 31 ھزار کان وڌيڪ حج پانڌيئڙا حجاز مقدس لاءِ روانا ٿيندا، روڊ ٽو مڪہ پراجيڪٽ تحت سعودي عملدار حج پانڌيئڙن جي ون ٽائيم اميگريشن ڪراچي ايئرپورٽ تي ئي ڪندا.
ھوڏانھن سعودي ميڊيا جو چوڻ آھي تہ مڪہ روٽ انيشيٽيو ۾ شامل پاڪستان سميت ملڪن جو انگ 10 ٿي ويو آھي، ھلندڙ سال 10 ملڪن جي 17 اسٽيشنز تان مڪہ روڊ انيشيٽيو تي عمل ڪيو ويندو، مراڪش، انڊويشيا، ملائيشيا، پاڪستان، بنگلاديش، ترڪيہ، جمھوريہ آئيوري ڪوسٽ ۽ مالديپ مڪہ روٽ انيشيٽيو ۾ شامل آھن.