پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ اڄ مزدورن جو ڏھاڙو ملھايو پيو وڃي

فہرستِ مضامین

پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ مزدورن جي قربانين ۽ انھن جي حقن کي اجاڳر ڪرڻ لاءِ عالمي مزدور ڏھاڙو ملھايو پيو وڃي.

مزدورن جي عالمي ڏينھن بھ مزدور ان جي اھميت کي بيخبر پنھنجي ٻچن جي مانيءَ لاءِ ڪم ۾ لڳل رھندو آھي.

يوم مزدور ڇا آھي؟:

1886ع ۾ پھرين مئي جي ڏينھن آمريڪا جي شھر شڪاگو جي مزدورن، سيڙپڪار ادارن ۽ صنعتڪارن طرفان ٿيندڙ استحصال خلاف روڊن تي نڪتا پر پوليس جلوس تي فائرنگ ڪري سوين مزدورن کي ماريو ۽ زخمي ڪيو جڏھن تھ ڪيترن ئي مزدورن کي پنھنجي حقن لاءِ آواز اٿارڻ تي ڦاھي ڏني وئي.

شڪاگو جي مزدورن سان يڪجھتي جي اظھار لاءِ دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ پھرين مئي تي مزدورن جو عالمي ڏينھن ملھايو ويندو آھي، پھرين مئي تي ھر سال اھو ڏينھن ان عھد سان ملھايو ويندو آھي تھ مزدورن جي معاشي حالت تبديل ڪرڻ لاءِ ڪوششون تيز ڪيون وينديون.

پاڪستان ۾ قومي سطح تي يوم مزدور ملھائڻ جي شروعات 1973ع ۾ ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومتي دور ۾ ٿيو، ان ڏينھن جي مناسبت سان سڄي ملڪ جي تمام ننڍن وڏن شھرن ۾ تقريبون، سيمينار، ڪانفرنسون ۽ ريليون ڪڍيون وينديون آھن.

پاڪستان ۾ مزدور جي حالت:

مزدور اڳواڻن جو چوڻ آھي تھ خانگي شعبي ۾ ڪم ڪندڙ لکين مزدورن کي اڄ بھ صحت جي سھولتن سميت سوشل سيڪيورٽي تائين دستياب ناھي، حڪومت طرفان گھٽ ۾ گھٽ اجرت جي اعلان تي عمل درآمد نھ ٿي رھيو آھي.

ھنن جو مطالبو آھي تھ قومي، صوبائي اسيمبلين سميت سينيٽ ۾ مزدورن جي نمائندگي کانسواءِ مزدورن جي مفاد ۾ قانونسازي نٿي ڪري سگھجي ۽ تمام سياسي جماعتن کي مزدورن لاءِ مخصوص سيٽون مختص ڪرڻيون پونديون.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں