لائیو پاڪستان حڪومت جون ثقافتي ورثي کي محفوظ بڻائڻ لاءِ ڪوششون

فہرستِ مضامین

چترال: پاڪستان جي قديم ۽ منفرد ثقافتي ورثي کي عالمي سڃاڻپ ڏيارڻ لاءِ حڪومتي ڪاوشون تحسين لائق آھن جن سبب اھم سنگ ميل عبور ڪيو ويو.

وادي ڪيلاش کي يونيسڪو جي عالمي ثقافتي ورثي جي فھرست ۾ شامل ڪيو ويو، وادي ڪيلاش جو ثقافتي منظرنامو ھڪ غير معمولي طور تي محفوظ ۽ قديم معاشري جي عڪاسي آھي.

وادي ڪيلاش خيبر پختونخواھ ۾ ڪوھِ ھندوڪش جي دور افتادھ علائقن بمبوريت، رمبور ۽ برير ۾ واقع آھي، وادي ڪيلاش جي الڳ جغرافيھ جو ان جي منفرد ثقافتي سڃاڻپ کي برقرار رکڻ ۾ اھم ڪردار آھي.

وادي ڪيلاش جي يونيسڪو جي عالمي ورثي جي فھرست ۾ شامل ٿيڻ سان پاڪستان جو عالمي سطح تي مثبت تشخيص اجاڳر ٿيندي.

يونيسڪو طرفان وادي ڪيلاش کي عالمي ورثو قرار ڏيڻ پاڪستان ۾ مذھبي ۽ ثقافتي ھم آھنگي ۽ تحفظ جو عالمي اعتراف آھي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں