پاڪستان جي ڪامياب ثالثي جي عالمي سطح تي واکاڻ، ڀارت لاءِ ويڪ اپ ڪال قرار

فہرستِ مضامین

پاڪستان، آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڇڪتاڻ گھٽائڻ ۾ موثر ثالثي ڪري عالمي سطح تي واکاڻ حاصل ڪري ورتي جيڪا ڀارت لاءِ  ھڪ اھم سفارتي پيغام ۽ مثال بڻجي وئي آھي.

ان حوالي سان سنگاپور جي ھڪ نشرياتي اداري پنھنجي رپورٽ ۾ پاڪستان جي اھميت کي اجاڳر ڪندي ڀارت لاءِ ان کي ويڪ اپ ڪال قرار ڏئي ڇڏيو آھي.

نشرياتي اداري چيو تہ ڀارتي ميڊيا  جي ڦھلايل شدت پسند ۽ قومپرست پروپئگنڊا پاڪستان جي خلاف دشمني کي وڌيڪ مضبوط ڪيو.

ٻئي پاسي وائٽ ھائوس جي پريس سيڪريٽري ڪيرولين ليويٽ پاڪستان جي ڪردار جي ساراھ ڪندي چيو تہ پاڪستان ناقابل يقين حد تائين موثر ثالثي ڪئي آھي ۽ ان کي پاڪستان ذريعي جاري رکڻ اھم آھي.

ھوڏانھن ايران ۾ مقرر پاڪستاني سفير جو چوڻ آھي تہ ايران کي ڪنھن ٻئي ملڪ تي اعتماد ناھي جنھن سبب ثالثي لاءِ پاڪستان ئي واحد رستو آھي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں