ڪراچي: پاڪستان ايندڙ ھفتي آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ ڳالھين جي ٻئي دور جي ميزباني ڪندو.
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي چين جي دوري کان اڳ آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ابتدائي معاھدي جو امڪان آھي، ٻڌايو پيو وڃي تھ تڪرار جي حوالي سان 85 سيڪڙو معاملا طئي ٿي چڪا آھن جڏھن تھ جوھري مسئلو اڃا بھ سڀ کان وڏي رڪاوٽ آھي.
ترڪ نيوز ايجنسي مطابق ٻنھي ملڪن وچ ۾ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ ڳالھين جي بحالي متوقع آھي، جڏھن تھ امڪان ظاھر ڪيو ويو آھي تھ 14، 15 مئي تي ٽرمپ چين جي دوري کان اڳ ابتدائي معاھدو طئي ٿي سگھي ٿو.
پاڪستان ايندڙ ھفتي آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ رولڙي جو شڪار امن ڳالھين جي ٻئي دور جي ميزباني جي توقع ڪري رھيو آھي.
ذريعن مطابق تازي اڳڀرائي کي نظر ۾ رکندي اسلام آباد کي اميد آھي تھ ٻئي ڌريون ڳالھيون ٻيھر شروع ڪنديون.