پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ منفي رجحان

فہرستِ مضامین

پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروباري ھفتي جي ٽئين ڏينھن منفي رجحان ڏٺو پيو وڃي.

بازارِ حصص ۾ ڪاروبار دوران 100 انڊيڪس ۾ 158 پوائنٽس جي گھٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي جنھن بعد انڊيڪس ھڪ لک 68 ھزار 757 پوائنٽس تي اچي ويو.

اڄ ھينئر تائين جي ڪاروبار دوران 100 انڊيڪس ھڪ لک 68 ھزار 704 پوائنٽس جي ھيٺين سطح تائين آيو، جڏھن تہ ھڪ لک 69 ھزار 687 جي بلند سطح تائين بہ ويو.

واضح رھي تہ گذريل ڏينھن ڪاروبار جي اختتام تي 100 انڊيڪس ھڪ لک 68 ھزار 916 پوائنٽس تي بند ٿيو ھو.

ٻئي طرف انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 3 پئسا سستو ٿي 278 رپيا 63 پئسن جو ٿي ويو.

گذريل ڏينھن انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 278 رپيا 66 پئسن تي بند ٿيو ھو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں