پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ منفي رجحان

فہرستِ مضامین

پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروباري ھفتي جي پھرين ڏينھن منفي رجحان ڏٺو پيو وڃي.

بازار حصص ۾ ڪاروبار دوران 100 انڊيڪس ۾ 1059 پوائنٽس جي گھٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي جنھن کان پوءِ انڊيڪس ھڪ لک 70 ھزار 56 پوائنٽس تي اچي ويو.

اڄ ھينئر تائين جي ڪاروبار دوران 100 انڊيڪس ھڪ لک 69 ھزار 583 پوائنٽس جي ھيٺين سطح تائين آيو، جڏھن تہ ھڪ لک 70 ھزار 368 جي بلند سطح تائين بہ ويو.

واضح رھي تہ گذريل ھفتي جي آخري ڏينھن ڪاروبار جي اختتام تي 100 انڊيڪس ھڪ لک 71 ھزار 115 پوائنٽس تي بند ٿيو ھو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں