پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروباري ھفتي جي پھرئين ڏينھن منفي رجحان ڏٺو پيو وڃي.
بازارِ حصص ۾ ڪاروبار دوران 100 انڊيڪس ۾ 191 پوائنٽس جي گھٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي جنھن کانپوءِ انڊيڪس ھڪ لک 70 ھزار 480 پوائنٽس تي اچي ويو.
اڄ تائين جي ڪاروبار دوران 100 انڊيڪس ھڪ لک 69 ھزار 268 پوائنٽس جي ھيٺئين سطح تائين آيو، جڏھن تھ ھڪ لک 71 ھزار 306 جي بلند سطح تائين بھ ويو.
واضح رھي تھ گذريل ھفتي جي آخري ڏينھن ڪاروبار جي اختتام تي 100 انڊيڪس ھڪ لک 70 ھزار 672 پوائنٽس تي بند ٿيو ھو.
ٻئي طرف انٽر بئنڪ ۾ ڊالر ھڪ پئسو سستو ٿي 278 رپيا 84 پئسن جو ٿي ويو.
ھوڏانھن ڪاروباري ھفتي جي پھرئين ڏينھن ايشيائي اسٽاڪ مارڪيٽس ۾ مثبت رجحان ڏٺو پيو وڃي.
جاپان جي نڪئي انڊيڪس ۾ 1.6 جو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو، جڏھن تھ ڪورين ڪاسپي ۾ 2.3 سيڪڙو اضافو ڏٺو ويو.
ٿائي لينڊ جي اسٽاڪ ايڪسچينج سيٽ ۾ ھڪ سيڪڙو اضافو ٿيو، شنگھائي ۾ 0.15 سيڪڙو ۽ ھينگ سينگ ۾ 0.25 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو.