پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروباري ھفتي جي آخري ڏينھن لاھا چاڙھا ڏٺا پيا وڃن.
بازار حصص ۾ ڪاروبار دوران 100 انڊيڪس ۾ 143 پوائنٽس جي گھٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي جنھن بعد انڊيڪس ھڪ لک 68 ھزار 370 پوائنٽس تي اچي ويو.
اڄ ھينئر تائين جي ڪاروبار دوران 100 انڊيڪس ھڪ لک 68 ھزار 204 پوائنٽس جي ھيٺين سطح تائين آيو، جڏھن تہ ھڪ لک 69 ھزار 624 جي بلند سطح تائين بہ ويو.
واضح رھي تہ گذريل ڏينھن ڪاروبار جي اختتام تي 100 انڊيڪس ھڪ لک 68 ھزار 514 پوائنٽس تي بند ٿيو ھو.
ٻئي طرف انٽر بئنڪ ۾ ڊالر ھڪ پئسو سستو ٿي 278 رپيا 54 پئسن جو ٿي ويو.
گذريل ڏينھن انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 278 رپيا 55 پئسن تي بند ٿيو ھو.