پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ ڪاروبار دوران مثبت رجحان ڏسڻ ۾ آيو آھي جتي سيڙپڪارن جي ڀرپور دلچسپي سبب مارڪيٽ ۾ تيزي رڪارڊ ڪئي وئي.
ڪاروبار دوران پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جو 100 انڊيڪس 937 پوائنٽس جي اضافي بعد ھڪ لک 68 ھزار 388 پوائنٽس جي سطح تي پھچي ويو.
ٻئي طرف انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي قدر ۾ معمولي گھٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آھي.
ھڪ پئسو گھٽتائي بعد ڊالر 278364 رپين تي ٽريڊ ڪري رھيو آھي.