پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي ھفتيوار اپ ڊيٽ سامھون اچي وئي، پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ھن ڪاروباري ھفتي ۾ مثبت رجحان رھيو.
پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ھلندڙ ھفتي 100 انڊيڪس 6747 پوائنٽس جي اضافي سان 173939 تي بند ٿيو.
ڪاروباري ھفتي ۾ 100 انڊيڪس 14245 پوائنٽس جي بينڊ ۾ رھيو ۽ 100 انڊيڪس جي ھفتيوار بلند ترين سطح 174404 رھي جڏھن تہ گھٽ ترين سطح 160158 رھي.
حصص بازار ۾ ھن ھڪ ھفتي ۾ 5.18 ارب شيئرز جا سودا 241.9 ارب رپين ۾ طئي ٿيا.
مارڪيٽ ڪيپٽلائزيشن سڄي ھفتي ۾ 776 ارب رپيا گھٽجي 19250 ارب رپيا ٿي وئي.