لائیو پابندي جي باوجود ملڪ ۾ ٻيھر قابل استعمال سرنجز جو وڪرو جاري

فہرستِ مضامین

پابندي جي باوجود ملڪ ۾ ٻيھر قابل استعمال سرنجز جو وڪرو جاري آھي جڏھن جعلي auto disable سرنجز بھ مارڪيٽ ۾ موجود آھن جن جو ھڪ کان وڌيڪ ڀيرا استعمال ممڪن آھي.

خانگي ٽي وي تي شايع ٿيل رپورٽ مطابق پيڪنگ تي آٽو ڊس ايبل لکي اندر ٻيھر قابل استعمال سرنجز وڪرو ڪيون پيون وڃن.

خانگي ٽي وي پشاور، ملتان ۽ جيڪب آباد سميت مختلف شھرن مان ٻيھر قابل استعمال سرنجز حاصل ڪري ورتيون آھن.

ذريعن مطابق اتائي 50 ۽ 100 رپين ۾ انجيڪشن لڳائڻ لاءِ ھڪ ئي سرنج بار بار استعمال ڪندا آھن.

ماھرن موجب جعلي سرنجز جو استعمال بھ انفيڪشن ڪنٽرول نظام کي غير موثر بڻائي رھيو آھي.

ڊريپ جو چوڻ آھي تھ پابندي جي باوجود سرنجز جي وڪري تي ايڪشن وٺنداسين.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں