لائیو ٽڪ ٽاڪر ثناءَ يوسف قتل ڪيس: ٽرائيل ٻي عدالت منتقلي جي درخواست رد ڪرڻ بابت لکت ۾ فيصلو جاري

فہرستِ مضامین

اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ ٽڪ ٽاڪر ثناءَ يوسف قتل ڪيس جو ٽرائيل ٻي عدالت منتقل ڪرڻ جي درخوات رد ڪرڻ جو لکت ۾ فيصلو جاري ڪري ڇڏيو.

اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ جي چيف سرفراز ڊوگر تفصيلي فيصلو جاري ڪيو.

عدالت طرفان ٽرائيل ڪورٽ جي جج تي جانبداري ۽ بدتميزي جا الزام بنياد قرار ڏيندي درخواست رد ڪري ڇڏي.

اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ تفصيلي فيصلي ۾ چيو آھي تھ بار بار التوا گھرڻ انصاف جي راھ ۾ رڪاوٽ وجھڻ جي برابر آھي، ڪيس جو ٽرائيل ايڊيشنل سيشن جج ويسٽ جي عدالت ۾ ئي جاري رھندو.

تفصيلي فيصلي ۾ چيو ويو آھي تھ سرڪاري خرچ تي وڪيل جي فراھمي جوابدار جو آئيني حق آھي تھ جيئن ٽرائيل مڪمل ٿي سگھي، جوابدار طرفان ٽرائيل ڪورٽ جي خلاف استعمال ڪيل ٻولي غير مناسب آھي.

لکت واري حڪم ۾ چيو ويو آھي تھ جوابدار طرفان جج جي خلاف استعمال ڪيل سخت ٻولي عدليھ جي وقار جي خلاف آھي.

واضح رھي تھ جوابدار عمر حيات طرفان ٽرائيل ٻي عدالت ۾ منتقل ڪرڻ جي گذارش ڪئي ھئي.

جوابدار طرفان ايڊيشنل سيشن جج تي جانبدار ھئڻ جو الزام بھ لڳايو ويو ھو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں