لائیو ٽڪ ٽاڪر ثناءَ يوسف قتل ڪيس: وڌيڪ هڪ گواھ جو بيان قلمبند، ٻڌڻي ملتوي

فہرستِ مضامین

اسلام آباد: اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ۾ ٽڪ ٽاڪر ثناءَ يوسف جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جيڪا ايڊيشنل سيشن جج افضل مجوڪا جي سربراهي ۾ ٿي.

ڪيس دوران پراسيڪيوٽر نويد ڪياني عدالت ۾ پيش ٿيو، جتي پراسيڪيوشن طرفان وڌيڪ هڪ اهم گواهه جو بيان قلمبند ڪيو ويو.

عدالت ۾ اڄ ڪل 5 گواهه موجود هئا، جن مان پهرين گواهه آمنه بي بي جو بيان مڪمل طور تي رڪارڊ ڪيو ويو. ٻڌڻي دوران جڏهن وڪيلِ صفائي گواهه تي جرح ڪري رهيو هو ته اوچتو سندس طبيعت خراب ٿي پئي، جنهن سبب ڪارروائي متاثر ٿي.

عدالت وڪيلِ صفائي جي ناسازي کي نظر ۾ رکندي ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 30 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

هي ڪيس سوشل ميڊيا شخصيت ثناءَ يوسف جي قتل سان لاڳاپيل آهي، جيڪو عوامي ڌيان جو مرڪز بڻيل آهي، ۽ هر ٻڌڻي ۾ نوان انڪشاف سامهون اچي رهيا آهن.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں