لائیو ٽرمپ پاران سامونڊي لنگھھ ھرمز جي ناڪا بندي جاري رکڻ واري اعلان بعد عالمي سطح تي تيل مهانگو، پاڪستاني اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ ٻاڙائي

فہرستِ مضامین

آمريڪي  صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان ايران خلاف ايٽمي معاهدي تائين هرمز جي ناڪابندي  جاري رکڻ واري  بيان کان پوءِ عالمي منڊي ۾ وڏي اٿل پٿل ڏسڻ ۾ آئي آهي.

عالمي سطح تي خام تيل جي قيمتن ۾ تيزي سان واڌ ٿي آهي ۽ في بيرل قيمت وڌي 120 ڊالر تائين پهچي وئي آهي، جنهن سبب ڪيترن ئي ملڪن جي معيشتن تي دٻاءُ وڌي ويو آهي.

ٻئي طرف پاڪستان ۾ به ان صورتحال جا اثر ڏسڻ ۾آيا آهن. خميس واري ڏينهن پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ سخت ٻاڙائي ڏسڻ ۾ آئي ۽ ڪاروباري ڏينهن دوران اسٽاڪ انڊيڪس ۾ لڳ ڀڳ 3000 پوائنٽن جي وڏي گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي.

مالي ماهرن موجب عالمي تيل جي قيمتن ۾ واڌ ۽ جنگي ڇڪتاڻ سبب سيڙپڪارن ۾ بي يقيني وڌي وئي آهي، جنهن جو اثر ترقي پذير ملڪن جي مارڪيٽن تي وڌيڪ شدت سان پئجي رهيو آهي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں