ٽرمپ لبنان تي جارحيت جاري رکندڙ اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو کي چريو قرار ڏئي ڇڏيو

فہرستِ مضامین

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ لبنان تي جارحيت جاري رکڻ واري اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو کي چريو شخص قرار ڏئي ڇڏيو۔

آمريڪي نيوز ويب سائيٽ موجب صدر ٽرمپ اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو سان ٽيليفون تي سخت لهجي ۾ ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ لبنان ۾ جاري جارحيت تي هو نيتن ياهو سان انتهائي سخت انداز ۾ پيش آيو۔

آمريڪي نيوز ويب سائيٽ موجب هن تلخ لهجي جو سبب اهو هو ته ايران ڌمڪي ڏني هئي ته جيڪڏهن لبنان ۾ اسرائيلي حملا جاري رهيا ته هو آمريڪا سان ڳالهين جو سلسلو روڪي ڇڏيندو۔

ويب سائيٽ موجب صدر ٽرمپ اسرائيلي وزيراعظم کي چريو هجڻ سان گڏ ناشڪرو به قرار ڏنو۔ هن واضح ڪيو ته بيروت تي حملا نه ٿيڻ گهرجن ۽ خبردار ڪيو ته جيڪڏهن اسرائيل اهو قدم کنيو ته هو عالمي سطح تي وڌيڪ اڪيلو ٿي ويندو۔

ويب سائيٽ موجب آمريڪي صدر نيتن ياهو کي ياد ڏياريو ته هن ڪرپشن ٽرائل دوران کيس جيل وڃڻ کان بچائڻ ۾ ڪيئن مدد ڪئي هئي۔ ٽرمپ چيو، “جيڪڏهن مان نه هجان ها ته تون جيل ۾ هجين ها، مان تنهنجي بچاءُ لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهيان، هاڻي هر ماڻهو توکان نفرت ڪري ٿو ۽ هر ماڻهو اسرائيل کان به نفرت ڪري ٿو.”

نيوز ويب سائيٽ موجب ڳالهه ٻولهه دوران صدر ٽرمپ هڪ موقعي تي سخت ڪاوڙ ۾ چئي ويٺو، “تون آخر ڪهڙا بيوقوفاڻا ڪم ڪري رهيو آهين؟”

هڪ آمريڪي اهلڪار نيوز ويب سائيٽ کي ٻڌايو ته صدر ٽرمپ جي نظر ۾ نيتن ياهو جارحيت کي غيرمعمولي حد تائين وڌائي رهيو آهي۔ ٽرمپ کي ڳڻتي آهي ته اسرائيل لبنان ۾ وڏي انگ ۾ شهري ماريا آهن ۽ رڳو هڪ حزب الله ڪمانڊر کي نشانو بڻائڻ لاءِ رهائشي عمارتن جون عمارتون تباهه ڪيون پيون وڃن۔

آمريڪي اهلڪار چيو ته جيتوڻيڪ صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو جي وچ ۾ اڳ به ڪيترائي ڀيرا تلخ جملن جي ڏي وٺ ٿي چڪي آھي، پر ٻيهر صدارت سنڀالڻ کان پوءِ اها نيتن ياهو لاءِ ٽرمپ جي سڀ کان سخت ۽ بدترين ٽيليفون ڪال هئي۔

جواب ۾ نيتن ياهو رڳو “اوڪي، اوڪي” چوندو رهيو ۽ اهو چوندو رهيو ته بس اها پڪ ڪئي وڃي ته هر ڳالهه جو خيال رکيو وڃي۔

واضح رهي ته ايران طرفان آمريڪا سان رابطا معطل ڪرڻ کان پوءِ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ نيتن ياهو سان هنگامي رابطو ڪيو هو، جنهن دوران ٽرمپ لبنان ۾ اسرائيلي فوجي ڪارروايون روڪڻ جو اعلان ڪيو هو۔

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں