لائیو ٽرمپ طرفان جنگبندي لاءِ پاڪستان ذريعي مليل نين ايراني تجويزن تي عدم اطمينان جو اظھار

فہرستِ مضامین

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جنگبندي لاءِ پاڪستان ذريعي مليل نين ايراني تجويزن تي بي اعتمادي جو اظھار ڪري ڇڏيو.

ميڊيا سان ڳالھائيندي آمريڪي صدر چيو تھ ايران سان فون ذريعي ڳالھھ ٻولھھ جاري آھي، ايران ڊيل چاھي ٿو پر معاملا اڳتي نھ وڌي رھيا آھن، ايران اھڙيون شيون گھري رھيو آھي جن سان ھو اتفاق نٿو ڪري.

ٽرمپ چيو تھ ھو ايران بابت صورتحال تي خوش ناھي، نٿو چاھي تھ ايران وٽ ايٽمي ھٿيار ھجن.

ٽرمپ ايران جي موجودھ قيادت کي ڪنفيوزڊ قرار ڏنو ۽ دعويٰ ڪئي تھ انھن جو پاڻ ۾ اتحاد ناھي، ايراني قيادت ڪو ڪجھھ چوي ٿو تھ ڪو ڪجھھ، ايرانين کي اھو بھ آئيڊيا ناھي تھ انھن جي قيادت ڪنھن وٽ آھي، جڏھن تھ آمريڪي صدر اھو نھ ٻڌايو تھ نئين ايراني تجويزن ۾ اھڙو ڇا آھي جيڪو کيس قبول ناھي.

ھن پاڪستان لاءِ ھڪ ڀيرو ٻيھر احترام جو ذڪر ڪندي چيو تھ پاڪستان جي وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل لاءِ تمام گھڻو احترام آھي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں