آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان ايراني تجويزون رد ڪرڻ ۽ آبناءِ ھرمز کولڻ جي غير يقيني صورتحال سبب عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي اگھن ۾ اضافو ٿي ويو.
رپورٽس مطابق عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي اگھن ۾ 3 سيڪڙو کان وڌيڪ اضافو رڪارڊ ڪيو ويو.
ان اضافي بعد برينٽ تيل جي اگھن ۾ 104 ڊالر في بيرل ۽ ڊبليو ٽي آءِ جي قيمت 99 ڊالر في بيرل ٿي وئي.
تيل جي قيمتن تي نظر رکندڙ ويب سائٽ مطابق جنگ شروع ٿيڻ بعد برينٽ تيل جي قيمت لڳ ڀڳ 20 ڊالر وڌي آھي.
واضح رھي تہ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جنگ جي خاتمي بابت آمريڪي تجويزن تي ايران جو جواب رد ڪري ڇڏيو.
ڊونلڊ ٽرمپ ٽروٿ سوشل تي بيان جاري ڪندي چيو تہ اڃا ايران جي نام نھاد “نمائندن” طرفان ڏنل جواب پڙھيو آھي جيڪو مون کي بلڪل پسند نہ آيو، اھو بلڪل ناقابل قبول آھي.