پريس ڪانفرنس دوران آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي سمھڻ واري ويڊيو وائر ٿي وئي.
پرڏيھي ميڊيا موجب ان موقعي تي 79 سالن جي ڊونلڊ ٽرمپ جون اکيون ننڊ سان ڀريل نظر آيون ۽ ڪجھھ موقعن تي سندس اکيون بلڪل بند ٿي ويون.
ويڊيو ۾ ڏسي سگھجي ٿو تھ اوول آفيس ۾ ان موقعي تي آمريڪي صدر جي پويان ڪابينھ جا ميمبر ۽ دواساز ڪمپنين جي اعليٰ عملدار بيٺل آھن جيڪي ڳالھائي رھيا آھن.
ميڊيا رپورٽس مطابق پريس ڪانفرنس ۾ صحت جي شعبي تي ڳالھھ ٻولھھ جاري ھئي.
پرڏيھي ميڊيا مطابق صدر ٽرمپ سان اھڙي قسم جي صورتحال پھريان بھ ٿي چڪي آھي.