واشنگٽن (مانيٽرنگ ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران تي طئي ٿيل آمريڪي حملا ٻہ کان ٽي ڏينھن ملتوي ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ شوشل ميڊيا پوسٽ ۾ چيو تہ قطر، سعوديہ، يو اي اِي درخواست ڪئي تہ اسان ايران تي حملي جو منصوبو ملتوي ڪريون، عرب ملڪن جي درخواست تي حملا ملتوي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
صدر ٽرمپ چيو تہ عرب اڳواڻ سمجھن ٿا ھن وقت سنجيدھ ڳالھيون جاري آھن ۽ سندن راءِ ۾ اھڙو معاھدو طئي ٿي ويندو جيڪو سڄي دنيا جي لاءِ قابل قبول ھوندو، اڳواڻ سمجھن ٿا معاھدي ۾ نھايت اھم نقطو اھو ھوندو تہ ايران وٽ جوھري ھٿيار نہ ھوندا.
ڊونلڊ ٽرمپ وڌيڪ چيو تہ اسان اڄ ايران تي طئي ٿيل حملو نہ ڪنداسين، مون عملدارن کي ھدايت ڪئي آھي تہ جيڪڏھن ڪو قابل قبول معاھدو نہ ٿي سگھيو تہ ايران تي مڪمل ۽ وڏي پئماني تي حملي جي لاءِ ڪنھن بہ وقت تيار رھن.
ڊونلڊ ٽرمپ واشنگٽن ۾ تقريب کي خطاب ڪندي چيو تہ ايران تي حملو ٻہ کان ٽي ڏينھن لاءِ ملتوي ڪيو، تھران وٽ وقت تمام گھٽ آھي، جيڪڏھن اھڙي ڊيل ٿئي جو ايران نيو ڪليئر ھٿيار حاصل نہ ڪري تہ اسان شايد مطمئن ٿي وڃون، ائين لڳي ٿو ايران سان ڊيل ٿيڻ جو سٺو موقعو آھي.