ٽرمپ جو ايران بابت اهم اعلان: جنگبندي ۾ واڌ، ناڪابندي برقرار  جي ڊي ونس جو پاڪستان جو دورو ملتوي

فہرستِ مضامین

واشنگٽن/اسلام آباد (خاص رپورٽ):

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران سان جاري ڇڪتاڻ جي تناظر ۾ اهم اعلان ڪندي چيو آهي ته جنگبندي ۾ عارضي واڌ ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته ناڪابندي (بندرگاهن جو گهيرو) برقرار رهندو. ساڳئي وقت آمريڪي نائب صدر جي ڊي ونس جو امڪاني دوروِ پاڪستان به ملتوي ڪيو ويو آهي.

صدر ٽرمپ پنهنجي بيان ۾ چيو ته پاڪستان جي فيلڊ مارشل عاصم منير ۽ وزيراعظم شهباز شريف جي درخواست تي ايران خلاف امڪاني فوجي ڪارروائي عارضي طور روڪي وئي آهي. هن چيو ته “اسان کي چيو ويو آهي ته ايران جي قيادت ۽ نمائندا هڪ گڏيل تجويز پيش ڪن، تنهنڪري ان وقت تائين حملو روڪيو ويو آهي.”

ٻئي طرف ايران طرفان سخت ردعمل سامهون آيو آهي. ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته ايراني بندرگاهن جو گهيرو جنگ جي برابر آهي. هن خبردار ڪيو ته ناڪابندي جاري رکڻ نه رڳو ڇڪتاڻ وڌائيندو، پر اها جنگبندي جي به کلي ڀڃڪڙي آهي.

عالمي سفارتي حلقن موجب، آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڇڪتاڻ انتهائي نازڪ مرحلي ۾ داخل ٿي چڪي آهي. هڪ پاسي ڳالهين ذريعي مسئلو حل ڪرڻ جون ڪوششون جاري آهن، ته ٻئي پاسي ناڪابندي ۽ فوجي دٻاءُ برقرار رکڻ سبب صورتحال ڪنهن به وقت ٻيهر خراب ٿي سگهي ٿي.

سياسي تجزئي نگارن جو چوڻ آهي ته پاڪستان طرفان سفارتي ڪردار ادا ڪرڻ ۽ جنگ کان پاسو ڪرڻ جي اپيل علائقائي امن لاءِ اهم قدم آهي، جڏهن ته ايران جي سخت ردعمل کانپوءِ ايندڙ ڪجهه ڏينهن انتهائي اهميت رکن ٿا.

آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ تڪرار ۾ تازو واڌ بعد خطي ۾ فوجي سرگرميون وڌي ويون هيون، جنهن بعد عالمي سطح تي جنگبندي ۽ ڳالهين لاءِ دٻاءُ وڌيو. هاڻي ٽرمپ جي اعلان کانپوءِ صورتحال عارضي طور نرم نظر اچي رهي آهي، پر ناڪابندي برقرار رهڻ ڪري ڇڪتاڻ مڪمل طور ختم نه ٿي سگهي آهي.

اسلام آباد ۾ ڳالهين جو  ٻيو دور ملتوي، پاڪستان جي درخواست تي جنگبندي ۾ واڌ، واشنگٽن ۾ اهم سفارتي سرگرميون

واشنگٽن (خاص رپورٽ):

آمريڪي گادي واري شهر واشنگٽن ۾ اڱاري جو ڏينهن سفارتي لحاظ کان انتهائي اهم رهيو، جتي آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ امڪاني ڳالهين بابت تياريون ٿي رهيون هيون، پر آخرڪار اهي ڪوششون تعطل جو شڪار ٿي ويون.

ذريعن موجب آمريڪي نائب صدر جي ڊي ونس کي اسلام آباد روانو ٿيڻ لاءِ ايئر فورس ون جهاز تيار بيٺو هو، جتي ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ڳالهين جو نئون دور ٿيڻ وارو هو. بهرحال، ڪيترن ئي ڪلاڪن جي انتظار باوجود جهاز روانو نه ٿي سگهيو ۽ ڳالهين جو عمل ملتوي ٿي ويو.

ان دوران آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اعلان ڪيو ته هو ايران سان جاري جنگبندي ۾ واڌ ڪري رهيا آهن، جيڪا ختم ٿيڻ واري هئي. ٽرمپ موجب هن فيصلي جو مقصد ايران کي وڌيڪ وقت ڏيڻ آهي ته جيئن هو جنگ جي مڪمل خاتمي لاءِ “متفقه تجويزون” پيش ڪري سگهي.

صدر ٽرمپ اهو به واضح ڪيو ته هن اهو فيصلو پاڪستان جي فيلڊ مارشل عاصم منير ۽ وزيراعظم شهباز شريف جي درخواست تي ڪيو آهي. سندس چوڻ هو ته “اسان کي چيو ويو آهي ته ايران تي حملو نه ڪيو وڃي، جيستائين انهن جا اڳواڻ ۽ نمائندا گڏيل تجويز پيش نه ڪن.”

ٻئي طرف وزيراعظم شهباز شريف ٽرمپ جي فيصلي کي ساراهيندي چيو ته پاڪستان خطي ۾ امن لاءِ سفارتي ڪوششون جاري رکندو. هن اميد ظاهر ڪئي ته ايندڙ دور ۾ اسلام آباد ۾ ڳالهين ذريعي هڪ مستقل امن معاهدو ٿي سگهي ٿو.

ان کان اڳ آمريڪي انتظاميا کي هڪ مشڪل صورتحال کي منهن ڏيڻو پيو، ڇاڪاڻ ته ايران طرفان ڳالهين ۾ شرڪت جي ڪا پڪي خاطري نه ڪرائي وئي هئي. اهڙي حالت ۾ اهو فيصلو ڪرڻ ڏکيو ٿي پيو ته نائب صدر کي اسلام آباد موڪليو وڃي يا نه.

ڏينهن جي آخر تائين اها ڳالهه واضح ٿي وئي ته ڳالهين ۾ اڳڀرائي ممڪن ناهي. آمريڪي سفارتي ٽيم، جنهن ۾ سينيئر صلاحڪار به شامل هئا، اسلام آباد وڃڻ بدران واپس واشنگٽن پهچي وئي، جتي وائيٽ هائوس ۾ اهم صلاح مشورا ڪيا ويا.

سياسي ۽ سفارتي ماهرن جو چوڻ آهي ته ٽرمپ جي جنگبندي ۾ واڌ واري اعلان سان عارضي طور ڇڪتاڻ گهٽجي سگهي ٿي، پر ڪيترائي اهم سوال اڃا به باقي آهن. خاص طور تي آمريڪا پاران ايران جي بندرگاهن جي ناڪابندي جاري رکڻ واري پاليسي صورتحال کي وڌيڪ مشڪل بڻائي رهي آهي.

ايراني موقف موجب بندرگاهن جي ناڪابندي جنگ جي برابر آهي، جڏهن ته آمريڪا جو خيال آهي ته ان دٻاءُ ذريعي ايران کي ڳالهين تي مجبور ڪري سگهجي ٿو.

تجزئي نگارن مطابق، ٽرمپ وٽ هاڻي محدود آپشن بچيا آهن يا ته سفارتي رستو اختيار ڪيو وڃي يا فوجي دٻاءُ وڌايو وڃي. بهرحال، موجوده حالتن ۾ جلد ڪنهن حتمي حل جا امڪان گهٽ نظر اچن ٿا.

آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ گذريل ٻن مهينن کان ڇڪتاڻ جاري آهي، جنهن عالمي معيشت ۽ علائقائي امن تي به اثر وڌو آهي. جنگبندي ۾ واڌ سان ڪجهه وقت ضرور مليو آهي، پر مستقل امن لاءِ اڃا تائين ڪو واضح رستو سامهون نه اچي سگهيو آهي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں