آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميھ اندر ايران جي خلاف جاري جنگ جي حڪمت عملي تي واضح اختلاف سامھون اچي رھيا آھن.
اينڊريا ڊريسي جيڪو اٽلي جي آمريڪن يونيورسٽي آف روم ۾ عالمي سياست جو اسسٽنٽ پروفيسر آھي، ھن چيو آھي تھ آمريڪي حڪومت مسلسل پنھنجي حڪمت عملي ۽ ھدف تبديل ڪري رھي آھي جنھن مان ظاھر ٿئي ٿو تھ اندروني سطح تي ھم آھنگي موجود ناھي.
ھن ھڪ انٽرويو ۾ چيو آھي تھ ٽرمپ انتظاميھ سوشل ميڊيا ذريعي طاقت جو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رھي آھي پر حقيقت ۾ پينٽاگون ۽ دفاعي ادارن ۾ اعليٰ سطح تي برطرفين ۽ اختلافن جو سلسلو جاري آھي.
اينڊريا ڊريسي جو چوڻ آھي تھ آمريڪا ۽ اسرائيل ھيءَ جنگ ممڪنھ طور تي اسٽريٽجڪ غلط اندازي جي بنياد تي شروع ڪئي ۽ ھاڻ صورتحال اتي پھچي چڪي آھي جو واشنگٽن ڪنھن رستي جي تلاش ۾ آھي.
ھن اھو بھ چيو تھ جنگبندي جون ڪوششون ۽ سفارتي رستا کولڻ جي اميد مثبت اڳڀرائي آھي، جڏھن تھ صورتحال اڃا بھ انتھائي خطرناڪ آھي ڇو تھ عالمي معيشت ان تڪرار جي اثرن سبب دٻاءَ جو شڪار آھي ۽ مڪمل فوجي تصادم جو خطرو بدستور موجود آھي.