لائیو ٻٻرلوءِ باءِ پاس ڌرڻو، تاريخي مزاحمت جو يادگار باب

فہرستِ مضامین

تحرير : شڪيل سومرو

ايم آر ڊي کانپوءِ پهريون ڀيرو ڇهن تڪراري ڪئنالن واري مسئلي تي سنڌ ٻيهر ڀڙڪي اٿي. هن ڀيري مزاحمت جو مرڪز ٻٻرلوءِ باءِ پاس بڻيو، جتي پنجاب ڏانهن ويندڙ سمورا رستا بند ڪيا ويا. لکين ماڻهن جي پرامن ڌرڻي ذريعي معاشي سگھھ، عوامي اتحاد ۽ سياسي قوت جو تاريخي مظاهرو ٿيو.

هي ڌرڻو رڳو احتجاج نه، پر سنڌ جي وسيلن تي مالڪي جي دعويٰ هو. ان جدوجهد وفاقي حڪومت کي پوئتي هٽڻ تي مجبور ڪيو. سنڌ جي عوام ثابت ڪيو ته پرامن مزاحمت به طاقتور هوندي آهي.

اڄ ٻٻرلوءِ باءِ پاس ڌرڻي کي هڪ سال گذري چڪو آهي اچو ته ان تاريخي مزاحمتي تحريڪ کي ياد ڪيون، جنهن سياسي جمود کي ٽوڙي وڏو عوامي تحرڪ پيدا ڪيو.

ٻٻرلوءِ باءِ پاس واري ڪئنال مخالف تحريڪ، جنهن لکين ماڻهن کي هڪ آواز بڻايو. اها مزاحمت، جنهن پاڻي، زمين ۽ وسيلن تي مالڪي جو شعور جاڳايو ۽ اها تاريخ، جنهن سنڌ ۾ نئين سياسي ۽ معاشي بيداري کي جنم ڏنو.

 7 جولاءِ 2024 تي  صدر پاڪستان  آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ ٿيل اجلاس، جنهن ۾ “گرين پاڪستان انيشيئٽو” تحت ڇهن نون ڪئنالن جي منظوري ڏني وئي، انهي غيرآئيني منظوري واري فيصلي سنڌ جي سياسي فضا کي هڪدم تبديل ڪري ڇڏيو.

7 جولاءِ 2024 تي اسلام آباد ۾ آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ هڪ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ “گرين پاڪستان انيشيئٽو” تحت ڇهن نون ڪئنالن جي تعمير بابت فيصلا ڪيا ويا، انهن ۾ ٿر، ريڻي، چولستان، گريٽر ٿل، ڪڇي ۽ چشمھ رائيٽ بئنڪ ڪئنال شامل هئا.

پاڻي جهڙي اهم وسيلن بابت اهڙو فيصلو، جڏهن آئيني فورم ڪائونسل آف ڪامن انٽرسٽس (CCI) کي نظرانداز ڪري ڪيو ويو، ته ان قانوني ۽ سياسي سوال اٿاريا. شروعات ۾ حڪومت هن اجلاس کي مڃڻ کان انڪار ڪيو، پر جڏھن سنڌي ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي دستاويزي ثبوت سامهون آيا ته سنڌ سرڪار کي تسليم ڪرڻو پيو قانوني ۽ آئيني ماهر ايوان صدر واري اجلاس تي سوال اٿاريا.

ايوان صدر مان تڪراري ڪئنالن جي منظوري جي حوالي سان منٽس ظاهر ٿيڻ کانپوءِ مختلف قومپرست تنظيمن، سياسي ڪارڪنن، وڪيلن، آبادگارن شاگردن، استادن ۽ سول سوسائٽي پاران احتجاجي مظاهرن ۽ ريلين جو سلسلو تيز ٿي ويو.  سيمينار ۽ پريس ڪانفرنسون ٿيون. سڄي سنڌ سراپا احتجاج بڻجي وئي. سڄي سنڌ ھڪ نڪتي تي گڏ ٿي وئي. ڪئنال سمورا نامنظور جا نعرا گونجڻ لڳا.

ڪئنال مخالف تحريڪ ۾ سڀ کان وڏو ۽ فيصلائتو سياسي موڙ تڏهن آيو، جڏهن ايس يو پي جي صدر سيد زين شاه چولستان پهچي لائيو وڊيو ذريعي زميني حقيقتون عوام آڏو رکي ڇڏيون. انهن منظرن ۾ هيوي مشينري جي مسلسل حرڪت، کوٽائي جو جاري عمل ۽ منصوبي جون واضح نشانيون سوشل ميڊيا تي تيزي سان وائرل ٿي ويون. هي وڊيوز رڳو خبر نه رهيون، پر هڪ سياسي بحث کي نئين رخ ڏانهن ڌڪي ڇڏيو.

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاه ان کي “ڪوڙي پروپيگنڊه” قرار ڏئي رد ڪيو، پر زميني حقيقتن جو دٻاءُ وڌندو ويو. ان کانپوءِ صحافت جو ڪردار وڌيڪ اهم ٿي ويو،  سنڌ ٽي وي نيوز جي ٽيم سينئر صحافي شڪيل سومرو جي اڳواڻي ۾ چولستان پهتي. اتي پهچي لائيو ڪوريج دوران ساڳيا کوٽائي وارا منظر ٻيهر واضح طور تي عوام آڏو آندا ويا ۽ شڪ پڪ ۾ تبديل ٿي ويو .

اهي وڊيوز ٽي وي اسڪرينن کان وٺي سوشل ميڊيا تائين تيزي سان پکڙجي ويون ۽ عوامي راءِ جو وهڪرو تبديل ٿي ويو. انهيءَ دٻاءُ جو اثر سنڌ اسيمبلي جي اجلاس تائين پهتو، جتي تڪراري ڪئنالن وارو معاملو  بحث جو حصو بڻيو.

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ پهريون دفعو اسيمبلي جي فلور تان  اها ڳالھھ قبول ڪئي ته محدود فاصلي تائين کوٽائي ٿي آهي ۽ اهو عمل غيرآئيني نوعيت جو آھي، جنهن کي قبول نه ڪيو ويندو.

ڪئنال مخالف تحريڪ مرحليوار سڄي سنڌ ۾ تيزي سان پکڙجي رهي هئي . ايس يو پي، سنڌ ترقي پسند پارٽي، عوامي تحريڪ، قومي عوامي تحريڪ،  جسقم، جيئي سنڌ محاذ، جيئي سنڌ انقلاي پارٽي، جيئي سنڌ تحريڪ، عوامي جمهوري پارٽي، عوامي ورڪرز پارٽي، پورهيت مزاحمت تحريڪ،پ پ شهيد ڀٽو، ڪميونسٽ پارٽي، سنڌ هاري ڪميٽي، جي ڊي اي، فنڪشنل ليگ، جي يو آءِ (ف)، جماعت اسلامي، پي ٽي آءِ، وڪيلن جون بارايسوسئشنون، مزدور ۽ شاگرد تنظيمون، سنڌ جي سول سوسائٽي سميت واپاري تنظيمون مطلب ته زندگي جي مختلف شعبن سان واسطو رکندڙ هن تحريڪ جو شعوري طور تي حصو بڻجي ويا.

 احتجاجي مظاهرا، ريليون، جلسا جلوس، بک هڙتالون هلندي ڪئنال مخالف تحريڪ جو ٽرننگ پوائنٽ ٻٻرلوءِ باءِ پاس ڌرڻو بڻيو،  وڪيلن جي هن ڌرڻي ۾ لکين ماڻھو شريڪ ٿيا. پنجاب ڏانهن ويندڙ سمورن رستن کي پرامن نموني ڌرڻا هڻي  بلاڪ ڪيو ويو، لکين گاڏيون بيهجي ويون، ڪنهن هڪڙي گاڏي جو شيشو نه ڀڳو، ڪئنال مخالف پرامن تحريڪ قومي سطح تي دٻاءُ وڌايو.

 ايم آر ڊي کانپوءِ هن تحريڪ کي سنڌ جي سڀ کان وڏي عوامي تحريڪ قرار ڏنو ويو.  لکين ماڻھن جي ڀرپور عوامي شرڪت هن تحريڪ  جو رخ تبديل ڪرڻ، تحريڪ کي ماٺو ڪرڻ سميت سمورين سرڪاري حڪمت عملين کي ناڪام بڻائي ڇڏيو.

ذريعن موجب سنڌ حڪومت هڪ “ڪنٽرولڊ احتجاج” جو پلان تيار ڪيو هو، 2–3 ڏينهن جو ڌرڻو ۽ پوءِ سنڌ حڪومت جي ڪجھھ وزيرن جي خاطري ڪرائڻ تي اهو ڌرڻو ختم ڪرڻو هو پر سنڌ دوست وڪيلن ۽ سياسي ڌرين سازش کي سمجهي ورتو ۽ انهي سازش کي ناڪام بڻائڻ لاءِ ٻڌي ۽ اتحاد جو گڏيل مظاهرو ڪري مطالبن جي مڃتا تائين ڌرڻي کي جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو نتيجي ۾ سرڪاري پلان ناڪام ٿيو ۽ سرڪار پير پوئتي هٽائڻ شروع ڪيا. عوامي دٻاءَ وڌڻ بعد صدر زرداري پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪيو پوءِ ڪائونسل آف ڪامن انٽرسٽس سي سي آءِ جو اجلاس سڏايو ويو ڇهن ڪئنالن کي “ملتوي” ڪيو ويو.

لکت ۾ چيو ويو ته “صوبن جي اتفاق راءِ تائين ڪئنال نه ٺهندا” ڪئنال مخالف تحريڪ هاڻي رڳو احتجاج نه، پر سنڌ جي معاشي ۽ سياسي شعور سان گڏ سماجي يڪجهتي جو زنده مثال بڻجي چڪي هئي.

هن سگهاري تحريڪ  پاڻي کي معيشت ۽ زمين کي بقاءَ سمجهي جدوجهد لاءِ پئي اتساهيو، سياسي ڪارڪنن ۾ نئون جوش ولولو ۽ اتساھ پيدا ٿيو هر ماڻھو پنهنجي حقن لاءِ اٿي بيٺو ۽ قومي شعور وقت جي حڪومت لاءِ وڏو چيلنج بڻجي ويو.

ڳوٺن کان شهرن تائين ماڻهن جو هڪٻي سان  ڳانڍاپو هن تحريڪ کي هڪ مضبوط عوامي نيٽ ورڪ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو .ڌرڻي دوران مفت کاڌي پيتي جو انتظام، تنبن هيٺان راتيون گذارڻ، بسترا وڇائڻ ۽ چوڪيداري ڪرڻ جهڙا منظر عوامي قرباني جو ثبوت بڻيا.

ثقافتي رنگن سان گڏ قومي گيت، شاعري ۽ سگهڙن جون ڪچهريون هن مزاحمت کي فڪري ۽ ثقافتي طاقت ڏني. طبي اسٽالن جو قيام، رستن جي بندش باوجود ڊرائيورن لاءِ ماني جو بندوبست ۽ گهر خالي ڪري مهمانن کي رهائڻ، انساني همدردي جا انوکا مثال بڻيا.

اهو سڄو منظر ٻڌائي ٿو ته هي تحريڪ رڳو سياسي نه، پر هڪ سماجي، ثقافتي ۽ انساني قدرن سان ڀرپور شعوري انقلاب بڻجي چڪي هئي.

  ڪئنال مخالف تحريڪ دوران مورو واقعو سامهون آيو، جتي پوليس جو تشدد، نوجوانن جي شهادت ۽ ڳوٺن تي ڪارروائين صورتحال کي وڌيڪ ڳنڀير بڻائي ڇڏيو. حقيقت اها هئي ته احتجاج ڪندڙ هٿياربند نه هئا، ان جي باوجود طاقت جو استعمال ڪيترن ئي سوالن کي جنم ڏنو.

سڀ کان اهم سوال اهو اڀريو ته ڇا هي قدم تحريڪ کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ ڪا حڪمت عملي هئي؟

مورو واقعي کانپوءِ انساني حقن بابت سنگين خدشا سامهون آيا. سوين ماڻهن خلاف ايف آءِ آرون داخل ٿيون، جبري گمشدگيون ٿيون، دهشتگردي جا الزام لڳايا ويا ۽ عورتن توڙي ٻارن کي حبس بي جا ۾ رکڻ جون رپورٽون به سامهون آيون. اهي سڀ عمل حڪومت لاءِ هڪ وڏو اخلاقي ۽ سياسي بحران بڻجي ويا.

ان سموري پس منظر ۾ ڪئنال مخالف تحريڪ ۽ ٻٻرلوءِ جي تاريخي ڌرڻي کانپوءِ هڪ ڳالهه واضح ٿي چڪي آهي ته ٻٻرلوءِ کان مورو تائين جو سفر رڳو احتجاج نه، پر سنڌ جي نئين سياسي ۽ معاشي شعور جو جنم آهي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں