ابوظھبي:متحدھ عرب امارات ايران جنگ دوران اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياھو جي امارات دوري جي ترديد ڪري ڇڏي.
اربع ڏينھن اسرائيلي وزيراعظم جي آفيس طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو ھو تہ اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياھو ايران جنگ دوران متحدھ عرب امارات جو ڳجھو دورو ڪيو ۽ اماراتي صدر سان ملاقات بہ ڪئي.
نيتن ياھو آفيس دوري سان يو اي اِي ۽ اسرائيل جي تعلقات ۾ تاريخي اڳڀرائي جي بہ دعويٰ ڪئي ھئي.
جڏھن تہ يو اي اِي اسرائيلي وزيراعظم جي دوري جي ترديد ڪري ڇڏي آھي.
اماراتي پرڏيھي وزارت چيو آھي تہ اڻ اعلانيہ دورن بابت دعويٰ بي بنياد آھي.متحدھ عرب امارات جي اسرائيل سان تعلقات لڪل ناھن.
اماراتي پرڏيھي وزير جو چوڻ آھي تہ يو اي اِي اسرائيل تعلقات طئي ٿيل ابراھيمي معاھدي تحت آھن اھي تعلقات رزداري تي ٻڌل ناھن ان لاءِ اڻ اعلانيہ دورن بابت دعويٰ بي بنياد آھي.
بيان جي آخر ۾ چيو ويو تہ رياست ميڊيا کان مطالبو ڪري ٿي تہ اھا درستگي جو خيال رکي ۽ اڻ تصديق ٿيل معلومات کي ڦھلائڻ يا سياسي تاثر پيدا ڪرڻ جي لاءِ استعمال نہ ڪري.