لائیو يوڪرين دفاع لاءِ نائن اليون کان بعد جھڙي اتحاد جي ضرورت آھي: شاھ چارلس

فہرستِ مضامین

واشنگٽن: برطانيھ جي بادشاھ چارلس چيو آھي تھ جيڪو اتحاد نائن اليون کان بعد نظر آيو ان جي اڄ يوڪرين جي دفاع لاءِ ضرورت آھي.

آمريڪي ڪانگريس سان خطاب ڪندي شاھ چارلس وائٽ ھائوس پريس ڊنر حملي جي مذمت ڪئي ۽ چيو تھ تشدد جو اھو عمل ڪڏھن ڪامياب نھ ٿيندو، جمھوري ملڪ پنھنجي ماڻھن جي تحفظ لاءِ متحد رھندا.

ھن يورپ ۽ آمريڪا جي ڀائيواري کي اڄ پھريان کان وڌيڪ اھم قرار ڏيندي چيو تھ جيڪو اتحاد نائن اليون کان بعد نظر آيو ان جي اڄ يوڪرين جي دفاع لاءِ ضرورت آھي، ھن يوڪرين جي دفاع لاءِ بي لوث عزم جي اپيل ڪئي ۽ چيو تھ يوڪرين ۾ امن جي قيام لاءِ مغربي اتحاد جو برقرار رھڻ ضروري آھي ڇو تھ ھيءَ جنگ نيٽو جي عزم جو امتحان وٺي رھي آھي.

بادشاھ چارلس جو چوڻ ھو تھ برطانيھ ۽ آمريڪا جو اتحاد صرف ماضي جي ڪاميابين تي قائم نٿو رھي سگھي، ماضي جي تمام اختلافن جي باوجود برطانيھ ۽ آمريڪا گڏيل رستا تلاش ڪيا، برطانيھ ۽ آمريڪا جو اتحاد تاريخ جي عظيم ترين اتحادن مان ھڪ آھي.

ان کان علاوھ شاھ چارلس ماحولياتي تحفظ، انساني ھمدردي ۽ مذھبن جي احترام کي ھٿي ڏيڻ جي ضرورت تي بھ زور ڏنو ۽ چيو تھ موجودھ غير يقيني دور ۾ رواداري ۽ آزادي جھڙي جمھوري قدر جو دفاع وڌيڪ ضروري آھي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں