خاص رپورٽ:
يورينيم جي افزودگي (Enrichment) جديد ايٽمي توانائي جو بنيادي حصو آهي، پر ساڳئي وقت اهو عالمي سطح تي ڳڻتي جو به اهم سبب بڻيل آهي. اهو ئي عمل ايٽمي بجلي گهرن ۾ استعمال ٿئي ٿو، پر جيڪڏهن ان کي هڪ خاص حد کان وڌيڪ وڌايو وڃي ته اهو ئي مواد تباهه ڪندڙ ايٽمي هٿيارن ۾ تبديل ٿي سگهي ٿو.
افزودگي ڇا آهي؟
زمين مان نڪرندڙ قدرتي يورينيم مختلف قسمن جي ايٽمن (آئسوٽوپس) تي ٻڌل هوندو آهي. ان ۾ لڳ ڀڳ 99 سيڪڙو يورينيم-238 هوندو آهي، جيڪو آساني سان ايٽمي ردِعمل جاري نٿو رکي سگهي. جڏهن ته صرف لڳ ڀڳ 0.7 سيڪڙو يورينيم-235 هوندو آهي، جيڪو آساني سان ٽٽي توانائي پيدا ڪري سگهي ٿو.
افزودگي جو مطلب آهي يورينيم-235 جو تناسب وڌائڻ، جيئن اهو توانائي پيدا ڪرڻ لاءِ وڌيڪ ڪارائتو بڻجي وڃي.
خطرناڪ حد ڪهڙي آهي؟
ماهرن موجب 20 سيڪڙو تائين افزودگي نسبتاً گهٽ خطري واري سمجهي وڃي ٿي، 20 سيڪڙو کان مٿي افزودگي کي “وڌيڪ افزودہ” سمجهيو وڃي ٿو.
جڏهن افزودگي تمام گهڻي سطح تي پهچي وڃي ٿي، تڏهن اهو مواد ايٽمي هٿيار ٺاهڻ لاءِ استعمال ٿي سگهي ٿو، ان ڪري انٽرنيشنل ائٽمڪ انرجي ايجنسي (IAEA)جهڙا عالمي ادارا هن عمل تي سخت نظر رکن ٿا.
ٻه رخي ٽيڪنالاجي:
يورينيم جي افزودگي جي خاص ڳالهه اها آهي ته اهو بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ به استعمال ٿئي ٿو ۽ ساڳئي ٽيڪنالاجي ايٽمي هٿيار ٺاهڻ لاءِ به استعمال ٿي سگهي ٿي اهو ئي سبب آهي جو هن ٽيڪنالاجي کي “ٻه رخو” (Dual-use) چيو وڃي ٿو، ۽ دنيا ۾ ان بابت وڏو سياسي تڪرار موجود رهي ٿو.
آمريڪا ۽ ايران تڪرار:
يورينيم جي افزودگي ئي آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ جاري ڇڪتاڻ جو مرڪزي مسئلو آهي. ايران جو موقف آهي ته سندس پروگرام پرامن مقصدن لاءِ آهي، جهڙوڪ بجلي پيدا ڪرڻ ۽ سائنسي تحقيق، جڏهن ته آمريڪا الزام لڳائي ٿو ته ايران خطرناڪ سطح تائين افزودگي ڪري چڪو آهي، جيڪا هٿيار ٺاهڻ جي حد جي ويجهو آهي.
عالمي نگراني ڇو ضروري آهي؟
ڇو ته جيڪڏهن ڪو ملڪ بجلي جي ضرورت کان وڌيڪ سطح تي يورينيم کي افزودہ ڪري ته ان تي عالمي شڪ وڌي وڃي ٿو، نگراني سخت ڪئي وڃي ٿي ۽ سياسي دٻاءُ وڌي وڃي ٿو.
ان عمل کي ڪئميرائن ۽ ٽيڪنيڪل نظام ذريعي مانيٽر ڪيو وڃي ٿو ته جيئن ان کي هٿيارن لاءِ استعمال ٿيڻ کان روڪي سگهجي.
يورينيم جي افزودگي هڪ اهڙو عمل آهي جيڪو انسانيت لاءِ فائديمند به ٿي سگهي ٿو ۽ انتهائي خطرناڪ به. اهو بجلي پيدا ڪري سگهي ٿو، پر ساڳئي وقت تباهه ڪندڙ هٿيارن جو بنياد به بڻجي سگهي ٿو.
اهو ئي سبب آهي جو دنيا ۾ هن عمل کي تمام حساس سمجهيو وڃي ٿو ۽ ان جي هر سطح عالمي سياست، سفارتڪاري ۽ سلامتي سان سڌي طرح ڳنڍيل آهي.