يورينيئم افزودگي ڇا آھي؟ ايران ڪيترو جلدي ايٽم بم ٺاھي سگھي ٿو؟ اھم حقيقتون سامھون اچي ويون

فہرستِ مضامین

يورينيئم افزودگي ھڪ اھڙو عمل آھي جنھن ذريعي قدرتي يورينيئم ۾ موجود مخصوص جزو U-235 جي مقيدار وڌائي وڃي ٿي تھ جيئن ان کي توانائي يا ھٿيارن لاءِ استعمال ڪري سگھجي.

قدرتي يورينيئم ۾ U-235 جي مقدار لڳ ڀڳ 0.7 سيڪڙو ھوندي آھي، جڏھن تھ ايٽمي بجلي لاءِ ان کي 3 کان 5 سيڪڙو تائين وڌائي سگھجي ٿو ۽ ايٽم بم ٺاھڻ لاءِ اھو ئي تناسب لڳ ڀڳ 90 سيڪڙو تائين گھربل ھوندو آھي.

يورينيئم کي افزودھ ڪرڻ لاءِ ان کي پھريان گيس (يورينيئم ھيڪسافلورائيڊ) ۾ تبديل ڪيو ويندو آھي، جنھن کي تيز رفتار سينٽري فيوجز ۾ گھمايو ويندو آھي، ان عمل ۾ ھلڪو جزو (U-235) ڌار ٿي زيادھ مقدار ۾ جمع ڪيو ويندو آھي ۽ اھو ئي عمل بار بار ڪري گھربل سطح حاصل ڪئي ويندي آھي.

بين الاقوامي جوھري توانائي ايجنسي مطابق 20 سيڪڙو کان گھٽ افزودگي کي گھٽ سطح (LEU) جڏھن تھ 20 سيڪڙو کان وڌيڪ کان وڌيڪ سطح (HEU) چيو وڃي ٿو.

رپورٽس مطابق ايران وٽ ھن وقت لڳ ڀڳ 60 سيڪڙو تائين افزودھ ڪيل يورينيئم موجود آھي، جيڪو جيڪڏھن وڌيڪ وڌائي 90 سيڪڙو ڪيو وڃي تھ نظرياتي طور تي ڪيترائي گھٽ طاقت وارا ايٽمي ھٿيار تيار ڪري سگھجن ٿا.

ماھرن جو چوڻ آھي تھ 60 سيڪڙو کان 90 سيڪڙو تائين پھچڻ تيز عمل ھوندو آھي ۽ اھو ڪجھھ ھفتن ۾ ممڪن ٿي سگھي ٿو، پر شرط اھو آھي تھ تمام ٽيڪنيڪي وسيلا دستياب ھجن.

آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران سان ممڪنھ نئين جوھري معاھدي کي 2015 جي معاھدي کان بھتر قرار ڏنو آھي، جڏھن تھ آمريڪا جو موقف آھي تھ ايران مڪمل طور تي يورينيئم افزودگي روڪي ڇڏي.

ٻئي طرف ايران جو موقف آھي تھ سندس جوھري پروگرام صرف پرامن مقصد، جھڙوڪ بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ آھي، جڏھن تھ عالمي سطح تي خدشا برقرار آھن تھ جيڪڏھن افزودگي جي سطح وڌيڪ وڌي تھ اھو ايٽمي ھٿيار ٺاھڻ جي صلاحيت ۾ تبديل ٿي سگھي ٿو.

ماھرن موجب ايٽم بم ٺاھڻ لاءِ صرف افزودھ يورينيئم ڪافي ناھي ھوندو پر ان سان گڏ ڊيزائن، ڌاتن جي تياري ۽ پھچائڻ جي نظام (ميزائل وغيرھ) بھ گھربل ھوندا آھن، ان لاءِ حتمي تياري جو وقت ڪيترن ئي عملن تي ٻڌل ھوندو آھي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں