وچ اوڀر ۾ وڌيڪ ڇڪتاڻ غير دانشمنداڻي ھوندي، چيني صدر جي روسي صدر سان ڳالھ ٻولھ

فہرستِ مضامین

چين جي صدر شي جنگ پنگ جو چوڻ آھي تہ دنيا جھنگ جي قانون طرف واپس وڃڻ جي خطري کي منھن ڏئي رھي آھي.

بيجنگ ۾ چيني ھم منصب شي جن پنگ ڳالھائيندي روس جي صدر جو چوڻ ھو روس ۽ چين جا تعلق غير معمولي سطح تي آھن، ٻنھي ملڪن کي ھڪ ٻئي جي ترقي جي بحالي ۾ مدد ڪرڻ گھرجي.

صدر پيوٽن جو چوڻ ھو روس ۽ چين جي وچ ۾ اقتصادي تعلقات مثبت رفتار سان اڳتي وڌي رھيا آھن، وچ اوڀر جي بحران ۾ روس ھڪ قابل اعتماد توانائي فراھم ڪندڙ آھي، روسي ۽ چيني تعلقات عالمي استحڪام ۾ مددگار ثابت ٿي رھيا آھن.

ھن چيو تہ چين ۽ روس کي منصفاڻي ۽ بھتر عالمي گورننس سسٽم جي تعمير کي ھٿي ڏيڻ گھرجي.

چيني صدر شي جن پنگ جو ان موقعي تي چوڻ ھو چين روس تعلقات جي ڪاميابي جو سبب سياسي گڏيل اعتماد ۽ اسٽريٽجڪ تعاون آھي، دنيا جھنگ جي قانون طرف واپس وڃڻ جي خطري کي منھن ڏئي رھي آھي.

وچ اوڀر جي صورتحال تي چيني صدر جو چوڻ ھو ڳالھيون ھن وقت خصوصي اھميت رکن ٿيون، ويڙھ کي روڪڻ ضروري آھي، وچ اوڀر جنگ جي خاتمي سان توانائي سپلاءِ جي استحڪام ۾ مدد ملندي، جنگ جي خاتمي سان عالمي تجارتي نظام ۾ رڪاوٽون گھٽ ڪرڻ ۾ مدد ملندي، اوچ اوڀر ۾ وڌيڪ ڇڪتاڻ غير دانشمنداڻي ھوندي.

ان موقعي تي روسي صدر ولاديمير پيوٽن چيني ھم منصب شي جنگ پنگ کي ايندڙ سال روس جي دوري جي دعوت بہ ڏني.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں