ورلڊ بئنڪ وچ اوڀر جي ڇڪتاڻ واري صورتحال سبب 2026 ۾ توانائي جي قيمتن ۾ 24 سيڪڙو تائين اضافي جي اڳڪٿي ڪئي آھي.
ورلڊ بئنڪ جي تازي رپورٽ ۾ چيو ويو تھ جيڪڏھن خطي ۾ جاري سخت دٻاءُ مئي تائين ختم ٿي وڃي ٿو تھ بھ قيمتن ۾ نمايان اضافو برقرار رھڻ جو امڪان آھي جڏھن تھ ڇڪتاڻ وڌڻ ۽ سپلاءِ ۾ وڌيڪ رڪاوٽ جي صورت ۾ قيمتون ان کان بھ وڌيڪ وڌي سگھن ٿيون.
رپورٽ مطابق توانائي تنصيبات تي حملن ۽ آبناءِ ھرمز ۾ جھاز ھلائڻ جي رڪاوٽن تيل جي سپلاءِ کي شديد متاثر ڪيو آھي.
ورلڊ بئنڪ مطابق 2026 ۾ برينٽ آئل جي سراسري قيمت 86 ڊالر في بيرل رھڻ جو امڪان آھي جڏھن تھ 2025 ۾ اھا 69 ڊالر في بيرل ھئي.
رپورٽ ۾ خبردار ڪيو ويو آھي تھ جيڪڏھن تيل ۽ گيس جي اھم تنصيبات کي وڌيڪ نقصان پھتو ۽ تجارت بحال نھ ٿي سگھي تھ برينٽ آئل جون قيمتون وڌيڪ وڌي سگھن ٿيون.