اسلام آباد: وفاقي حڪومت ملڪ ۾ ھڪ مھيني لاءِ سمارٽ لاڪ ڊائون لڳائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آھي، بچت پلان ۽ ھائبرڊ ورڪنگ پاليسي تحت سمارٽ لاڪ ڊائون بابت پلان تيار ڪيو ويو آھي جنھن جو سڀاڻي اعلان ٿيڻ جو امڪان آھي
ذريعن جو چوڻ آھي تہ توانائي ۽ تيل ذخيرن کي بچت ۽ ھائبرڊ ورڪنگ پاليسي تحت سمارٽ لاڪ ڊائون جو پلان تيار ڪري ورتو آھي.
ذريعن جو چوڻ آھي سرڪاري آفيسرن ۾ ھفتي جا 3 ڏينھن ڪم صبح جو ساڍي اٺين وڳي کان منجھند 2 وڳي تائين ھوندو، جڏھن تہ 2 ڏينھن آن لائن ڪم ٿيندو،
اھڙي طرح خانگي آفيسرن ۾ بہ 50 سيڪڙو حاضري لاڳو ھوندي، گاڏين جو استعمال لازمي چيڪ ڪيو ويندو.
ذريعن موجب بجلي ۽ تيل جي بچت لاءِ آفيسن ۾ 50 سيڪڙو حاضري جو سسٽم لاڳو ھوندو، آن لائن اٽينڊنس مانيٽرنگ سسٽم بہ لاڳو ٿيندو، غير ضروري طور فيملي ۽ ٻارن سان گڏ گھرن مان نڪرندڙن جي گاڏي ٽن مھينن تائين ضبط ڪئي ويندي……