اسلام آباد: وفاقي حڪومت بينظير انڪم سپورٽ پروگرام صوبن جي حوالي ڪرڻ تي غور شروع ڪري ڇڏيو.
خانگي ٽي وي سان ڳالھائيندي وفاقي وزير کيئل داس ڪوھستان چيو تھ 18ھين ترميم بعد تمام اختيار صوبن وٽ آھن تھ امدادي رقمون بھ صوبن کي ادا ڪرڻ گھرجن.
ھن چيو تھ ڪجھھ صوبن طرفان بھ اھو آواز اٿاريو ويو آھي جڏھن تھ حڪومت ڪو بھ فيصلو اتحادين ۽ سياسي جماعتن سان مشاورت بعد ڪندي.
وفاقي وزير وڌيڪ چيو تھ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام مڪمل ختم ڪرڻ جي ڳالھھ غور ھيٺ ناھي.