وزيراعظم جي وطن واپسي کانپوءِ آمريڪا ايران ڳالھين جي حتمي تاريخ طئي ٿيندي

فہرستِ مضامین

اسلام آباد: پاڪستان ايران ۽ آمريڪا کي آگاھ ڪري ڇڏيو آھي تہ وزيراعظم شھباز شريف جي پرڏيھي دوري تان واپسي کانپوءِ ئي ڳالھين جي ٻئي مرحلي جي حتمي تاريخ جو اعلان ڪيو ويندو.

ذريعن موجب ٻنھي ڌرين (ايران ۽ آمريڪا) پاڪستان کي ٻڌايو آھي تہ ڳالھين جي ٻئي مرحلي ۾ اھي ئي ٽيمون حصو وٺنديون جن پھرين مرحلي ۾ اسلام آباد ڳالھيون ڪيون ھيون.

اميد آھي تہ وزيراعظم شھباز شريف جي وطن واپسي کانپوءِ آمريڪا ۽ ايران ڳالھين جو ٻيو مرحلو ايندڙ ھفتي اسلام آباد ۾ شروع ٿيندو.

واضح رھي تہ وزيراعظم شھباز شريف ھينئر مختلف ملڪن جي دوري تي آھي جتي ھن سڀ کان پھريان سعودي عرب جو دورو ڪيو جنھن کانپوءِ ھو قطر ۽ ترڪيہ ويندو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں