نيويارڪ سٽي ۾ جنگ جي خاتمي لاءِ مين ھيٽن ۾ احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو، احتجاجي مظاھري ۾ وڏي انگ ۾ ماڻھن شرڪت ڪئي. احتجاجي مظاھرو ڪندڙن سينيٽر چڪ شومر ۽ ڪرسٽن جي آفيس آڏو ڌرڻو ھڻي لبنان تي حملي ۽ اسرائيل کي ھٿيارن جي فراھمي روڪڻ جو مطالبو ڪيو.
احتجاجي مظاھرو ڪندڙن جو چوڻ ھو تہ فنڊنگ جنگ لاءِ نہ پر ھيلٿ ڪيئر لاءِ ڪئي وڃي. احتجاجي مظاھري ۾ شريڪ ماڻھو اسرائيل کي ھٿياربند ڪرڻ کان روڪڻ جا نعرا پڻ ھڻي رھيا ھئا.
ان دوران پوليس ڪارروائي ڪري 100 جي لڳ ڀڳ مظاھرين کي گرفتار پڻ ڪري ورتو.