ويانا: ھنگري جي نئين چونڊيل وزيراعظم پيٽر ميگيار اشارو ڏنو آھي تھ جيڪڏھن اسرائيلي وزيراعظم بنيامين نيتن ياھو بوڊاپيسٽ آيو تھ کيس گرفتار ڪري سگھجي ٿو ڇو تھ سندس خلاف انٽرنيشنل ڪرمنل ڪورٽ جو فعال گرفتاري وارنٽ موجود آھي.
صحافين سان ڳالھائيندي ميگيار چيو تھ جيڪڏھن ڪو ملڪ انٽرنيشنل ڪرمنل ڪورٽ جو ميمبر آھي ۽ اھڙو شخص جنھن جي خلاف گرفتاري جو وارنٽ جاري ھجي، ان جي سرزمين ۾ داخل ٿئي ٿو تھ ان کي حراست ۾ وٺڻ لازمي ھوندو آھي.
ميگيار وڌيڪ چيو تھ ھن نيتن ياھو کي ھنگري کي ٻيھر آءِ سي سي جي نظام ۾ شامل ڪرڻ جي پنھنجي خواھش کان آگاھھ ڪري ڇڏيو آھي، ھنگري عالمي فوجداري عدالت جو ميمبر آھي، قانونن جي پاسداري ڪنداسين.
ان کان اڳ موجودھ وزيراعظم وڪٽر اوربان نيتن ياھو ساڄي ڌر جي حڪومت سان ويجھا تعلقات قائم ڪيا ھئا ۽ 2025 ۾ سندس پوڊاپيسٽ جي دوري کان اڳ ھنگري کي آءِ سي سي مان ڌار ڪرڻ جي راھ تي وڌو ويو ھو.
واضح رھي تھ نيتن ياھو ۽ اسرائيل جي اڳوڻي بچاءَ واري وزير يو آو گيلنٽ، ٻنھي خلاف 2024 ۾ آءِ سي سي غزھ ۾ جنگ دوران مبينھ جنگي ڏوھن جي الزامن تي گرفتاري جا وارنٽ جاري ڪيا ھئا، جڏھن تھ ٻنھي اڳواڻن انھن الزامن جي ترديد ڪئي آھي.