نام نھاد ناڪابندي بعد 4 ڊالر واري پيٽرول کي ياد ڪندا :قاليباف جو ٽرمپ جي ڌمڪي تي ردعمل

فہرستِ مضامین

ايراني پارليامينٽ جي اسپيڪر محمد باقر قاليباف آمريڪي صدر جي آبنائي ھرمز جي ناڪابندي واري بيان تي ردعمل ڏيندي چيو آھي تہ “نام نهاد ناڪابندي کانپوءِ جلد ئي اوھان 4 کان 5 ڊالر واري پيٽرول کي ياد ڪندا”۔

اسپيڪر محمد باقر قاليباف ايڪس تي پنهنجي ٽوئيٽ ذريعي آمريڪي صدر تي طنز ڪيو، ٽوئيٽ ۾ لکيل هو تہ “نام نهاد ناڪابندي کانپوءِ جلد ئي اوھان 4 کان 5 ڊالر واري پيٽرول کي ياد ڪندا”۔

هن ٽرمپ کي خبردار ڪندي چيو تہ “ايران جي عزم کي ٻيهر آزمائڻ جي ڪوشش نہ ڪريو، ڪنهن بہ غلط تي اڳ کان وڌيڪ سخت سبق سيکارينداسين۔ جيڪڏھن ٻيھر جنگ شروع ڪئي وئي تہ ھو بہ جنگ ڪندا ۽ جيڪڏھن اوھان منطق سان اڳتي ايندا تہ اسان بہ منطق سان ڳالهائينداسين”۔

هوڏانهن ايراني وفد جو چوڻ هو تہ هنن ايران جي نيڪ نيتي ڏيکارڻ لاءِ اهم قدم کنيا آهن، ۽ انهن قدمن جي نتيجي ۾ ڳالهين ۾ اڳڀرائي ٿي آهي

محمد باقر قاليباف چيو تہ ٽرمپ جي تازين ڌمڪين جو ايراني قوم تي ڪو بہ اثر ناھي پيو

ھن چيو تہ اسلام آباد امن ڳالھين بابت ڳالھائيندي زور ڏنو تہ “اسان شروع کان ئي اعلان ڪيو آهي تہ کين آمريڪن تي ڀروسو ناهي، سندن بي اعتمادي جي ڀت 77 سال پراڻي آهي ۽ هنن هڪ سال کان بہ گهٽ عرصي ۾ ڳالهين دوران اسان تي ٻہ ڀيرا حملو ڪيو آهي، تنهنڪري اهو انهن جو ڪم آهي تہ هو اسان جو اعتماد حاصل ڪن…..

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں