ڊربي (اسپورٽس ڊيسڪ): انگلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جو فاسٽ بالر برائيڊن ڪارز ڊربي جي هڪ نائيٽ ڪلب ۾ پيش آيل واقعي کانپوءِ پوليس جي حراست ۾ ورتو ويو آهي، جڏهن ته واقعي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي. پوليس ڪارز کي هٿڪڙيون لڳائي نائيٽ ڪلب مان ٿاڻي وٺي وئي.
بين الاقوامي ميڊيا رپورٽن موجب برائيڊن ڪارز کي پوليس اهلڪارن سان گڏ هٿڪڙين ۾ نائيٽ ڪلب مان ٻاهر نڪرندي ڏٺو ويو. ان وقت سندس ساٿي ڪرڪيٽر ۽ ڊرهم ٽيم جو رانديگر ميٿيو پوٽس پڻ ساڻس گڏ موجود هو.
انگلينڊ اينڊ ويلز ڪرڪيٽ بورڊ (ECB) واقعي جي تصديق ڪندي چيو آهي ته بورڊ کي ڊربي ۾ گذريل رات پيش آيل واقعي جي ڄاڻ آهي ۽ معاملي جي جاچ جاري آهي. بورڊ جو چوڻ آهي ته وڌيڪ معلومات دستياب ٿيڻ تي ان بابت آگاهه ڪيو ويندو.
31 ورهين جو برائيڊن ڪارز ۽ ميٿيو پوٽس تازو ڊربي ۾ ڊربي شائر خلاف ڪائونٽي چيمپئن شپ جي سيڪنڊ ڊويزن جي ميچ ۾ ڊرهم جي نمائندگي ڪئي هئي، جنهن ۾ ڊرهم 338 رنسن تان ڪاميابي حاصل ڪئي.
برائيڊن ڪارز انگلينڊ طرفان هينئر تائين 14 ٽيسٽ ميچون کيڏي چڪو آهي. 2025-26ع جي ايشز سيريز دوران هو انگلينڊ جي نمايان بالر طور سامهون آيو، جتي هن 22 وڪيٽون حاصل ڪيون.
ڪارز کي پاڪستان خلاف ٽن ٽيسٽ ميچن جي سيريز جي شروعاتي ٻن ميچن لاءِ انگلينڊ جي اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو هو، پر ليڊز ۾ کيڏيل پهرين ٽيسٽ ۾ کيس آخري يارنهن ۾ شامل نه ڪيو ويو. ان ميچ ۾ پاڪستان انگلينڊ کي هڪ اننگز ۽ 103 رنسن تان شڪست ڏني هئي.
پاڪستان ۽ انگلينڊ وچ ۾ سيريز جو ٻيو ٽيسٽ لارڊز ۾ خميس کان شروع ٿيڻ وارو آهي.
هوڏانهن رپورٽن موجب نائيٽ ڪلب ۾ اصل تڪرار يا واقعي جو سبب اڃا تائين سرڪاري طور تي واضح ناهي ٿيو، تنهن ڪري في الحال اهو چوڻ ممڪن ناهي ته ڪارز نائيٽ ڪلب ۾ اصل ۾ ڇا ڪيو يا واقعي ۾ سندس ڪهڙو ڪردار هو.
هي واقعو اهڙي وقت سامهون آيو آهي، جڏهن انگلينڊ جي ٽيسٽ ڪپتان جو روٽ گذريل هفتي اعلان ڪيو هو ته ٽيم جي رانديگرن لاءِ رات جو ٻاهر وڃڻ بابت ڪو ڪرفيو لاڳو نه هوندو.
انگلينڊ جي ٽيم ۾ ڪرفيو هن سال جنوري ۾ نيوزيلينڊ ۽ آسٽريليا جي دورن دوران رات دير سان پيش آيل ڪجهه واقعن کانپوءِ لاڳو ڪيو ويو هو، پر جو روٽ ٻيهر ٽيسٽ ڪپتان مقرر ٿيڻ کانپوءِ ڪرفيو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو.
جو روٽ جو چوڻ هو ته رانديگر بالغ آهن ۽ کين ميدان کان ٻاهر به پنهنجي ذميوارين ۽ رويي جو احساس هجڻ گهرجي.