موسيقيءَ جي دنيا جو سنهري باب بند: آشا ڀوسلي جي زندگيءَ تي هڪ نظر

فہرستِ مضامین

ممبئي :  ڀارتي موسيقيءَ جي دنيا جي مشهور ۽ بااثر ڳائڻي آشا ڀوسلي کي هڪ اهڙي آواز طور سڃاتو ويندو آهي، جنهن ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين ٻڌندڙن جي دلين تي راڄ ڪيو.

آشا ڀوسلي 8 سيپٽمبر 1933ع تي ڀارت جي شهر سنگلي ۾ ڄائي. هوءَ مشهور ڳائڻي لتا منگيشڪر جي ننڍي ڀيڻ هئي ۽ ننڍپڻ کان ئي موسيقيءَ واري ماحول ۾ پرورش ورتائين.

هن پنهنجي فني سفر جي شروعات صرف 10 ورهين جي عمر ۾ 1943ع ۾ ڪئي، جڏهن ته کيس ڪلاسيڪل موسيقي جي تربيت سندس والد دينانٿ منگيشڪر ڏني.

1950ع واري ڏهاڪي ۾ آشا ڀوسلي کي وڏي شهرت ملي ۽ هوءَ دنيا جي مشهور پلي بئڪ سنگرز ۾ شامل ٿي وئي. سندس آواز کي چنچل، جذباتي ۽ گهڻ رخي سمجهيو ويندو هو، جنهن کيس ٻين کان الڳ سڃاڻپ ڏني.

شاندار ڪيريئر:

20 کان وڌيڪ ٻولين ۾ ڳايو

12 هزار کان وڌيڪ گانا رڪارڊ ڪيا

هزارين فلمن لاءِ آواز ڏنو

غزل، قوالي، فلمي ۽ ڪلاسيڪل موسيقي ۾ مهارت

اعزاز ۽ سڃاڻپ:

آشا ڀوسلي کي پنهنجي خدمتن عيوض ڪيترائي اعزاز مليا، جن ۾ شامل آهن:

7 فلم فيئر ايوارڊ

2000ع ۾ دادا صاحب ڦالڪي ايوارڊ

2008ع ۾ پدم وبھوشن ايوارڊ

2011ع ۾ Guinness World Records کيس دنيا جي سڀ کان وڌيڪ رڪارڊنگ ڪندڙ ڳائڻي قرار ڏنو.

آشا ڀوسلي جو وڇوڙو موسيقيءَ جي دنيا لاءِ وڏو نقصان آهي. سندس آواز ۽ فن هميشه زنده رهندو ۽ ايندڙ نسلن لاءِ الهام جو ذريعو بڻجندو۔

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں