اسلام آباد: موجودھ حڪومت جي پھرئين ٻن سالن ۾ ورتل قرضن جا تفصيل سامھون اچي ويا آھن.
وفاقي حڪومت جي ابتدائي ٻن سالن دوران قرضن ۾ 15 ھزار 72 ارب رپين جو تاريخي اضافو ٿيو.
اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي دستاويزن موجب موجودھ حڪومت جي قرضن ۾ اھو اضافو مارچ 2024 کان وٺي فيبروري 2026 دوران ٿيو، قرضن ۾ سراسري طور تي ھر ڏينھن 21 ارب رپين جو اضافو ٺھي ٿو.
مرڪزي بئنڪ جي تفصيلن موجب مارچ 2024 کان وٺي فيبروري 2026 جي ٻن سالن دوران وفاقي حڪومت جي مقامي قرضن ۾ 14 ھزار 4 ارب رپيا ۽ بيروني قرضن ۾ ھڪ ھزار 68 ارب رپين جو اضافو ٿيو جنھن کان پوءِ وفاقي حڪومت جو قرض فيبروري 2026 تائين وڌي 79 ھزار 882 ارب رپيا ٿيو.
نگران حڪومت جي آخري مھيني فيبروري 2024 تائين وفاقي حڪومت جي قرضن جو حجم 64 ھزار 810 ارب رپيا ھو.