ڪراچي: ملڪ جي مٽاسٽا واري ناڻي جي ذخيرن ۾ ھڪ ھفتي دوران ھڪ ڪروڙ 80 لک ڊالر جو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو.
اسٽيٽ بئنڪ جي انگن اکرن مطابق مرڪزي بئنڪ جي مٽاسٽا واري ناڻي جا ذخيرا گذريل ھفتي دوران ھڪ ڪروڙ 80 لک ڊالر جي اضافي سان 15 ارب 9 ڪروڙ 76 لک ڊالر ٿي ويا.
اسٽيٽ بئنڪ جو چوڻ آھي تھ يو اي اِي ڊپازٽس ادائيگي کانپوءِ 17 اپريل تائين مٽاسٽا واري ناڻي جا ذخيرا 10.4 ڪروڙ ڊالر وڌيا، اھڙي طرح ملڪ جا مٽاسٽا واري ناڻي جا ذخيرا 17 اپريل تي 20 ارب 62 ڪروڙ 28 لک ڊالر رھيا.
انگن اکرن ۾ ٻڌايو ويو آھي تھ ڪمرشل بئنڪن وٽ ھن وقت 5 ارب 53 ڪروڙ 9 لک ڊالر موجود آھن، اھڙي طرح 17 اپريل تي ختم ٿيندڙ ھفتي جي اختتام تي ملڪ جي مجموعي مٽاسٽا وارا ذخيرا 20 ارب 62 ڪروڙ 85 لک ڊالر ٿي ويا.
ٻئي پاسي ھلندڙ ھفتي سعودي عرب ھڪ ارب ڊالر جمع ڪرايا ۽ ھن ھفتي يو اي اِي کي ھڪ ارب ڊالر جي ادائيگي ڪئي وئي، اھي انگ اکر ايندڙ ھفتي جي ڊپازٽس ۾ شامل ھوندا.
اسٽيٽ بئنڪ مطابق ھلندڙ مالي سال ملڪ جا مٽاسٽا واري ناڻي جا ذخيرا ھڪ ارب 36 ڪروڙ ڊالر وڌيا، ڪرنٽ اڪائونٽ سرپلس آھي.