لاھور ھاءِ ڪورٽ ۾ وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز طرفان ضمانت طور جمع ڪرايل 7 ڪروڙ رپين جي واپسي بابت درخواست جي ٻڌڻي ٿي.
ٻڌڻي لاھور ھاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عاليھ نيلم جي سربراھي ۾ ٽھ رڪني بئنچ ڪئي.
ٻڌڻي دوران وفاقي حڪومت طرفان ڊپٽي اٽارني جنرل رفاقت ڊوگر عدالت ۾ پيش ٿيو.
نيب سپريم ڪورٽ مان اعتراضي اپيل واپس وٺڻ جو رڪارڊ عدالت ۾ پيش ڪيو تھ چيف جسٽس عاليھ نيلم پڇيو تھ اوھان اھو رڪارڊ وفاقي آئيني عدالت ۾ پيش ڇو نھ ڪيو؟
فل بئنچ ايڊووڪيٽ آن رڪارڊ ۽ نيب جو حلف بيان طلب ڪندي ڪيس جي وڌيڪ ڪارروائي 11 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
واضح رھي تھ مريم نواز شگر ملز ريفرنس بند ٿيڻ تي جمع ڪرايل رقم واپس وٺڻ لاءِ ھاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪيو آھي.