اسلام آباد: وفاقي گھرو وزير محسن نقوي سان آمريڪي سفير نيٽلي بيڪر اھم ملاقات ڪئي جنھن ۾ خطي جي موجودھ صورتحال تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
ملاقات ۾ اسلام آباد ڳالھين جي ٻئي رائونڊ جي حوالي سان سفارتي ڪاوشن تي بھ ڳالھھ ڪئي وئي، ان موقعي تي تڪرار جي ڊگھي عرصي واري حل ۽ سفارتي چينلز جي تسلسل جي ضرورت تي بھ زور ڏنو ويو.
گھرو وزير جنگبندي ۾ واڌ واري آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي قدم جي ساراھ ڪئي.
محسن نقوي جو چوڻ ھو تھ ڊونلڊ ٽرمپ طرفان جنگبندي ۾ واڌ جوشي جوڳي ڳالھھ آھي، اھو قدم ڇڪتاڻ ۾ گھٽتائي طرفان اھم اڳڀرائي آھي، ايران طرفان بھ مثبت اڳڀرائي جي اميد آھي.
ھن چيو تھ وزيراعظم محمد شھباز شريف ۽ فيلڊ مارشل جنرل عاصم منير مسئلي جي حل لاءِ ھر سطح تي ڀرپور ڪوششون ڪري رھيا آھن، اميد آھي تھ ڌريون سفارتي ۽ پرامن حل کي موقعو ڏينديون.
نيٽلي بيڪر خطي ۾ امن جي قيام ۽ تڪرار جي حل لاءِ پاڪستان جي تعميري ڪردار جي ساراھ ڪئي.